اسلام آباد/راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بنگلاديش فضائيا جي سربراهه ايئر چيف مارشل حسن محمود خان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفي دفاعي لاڳاپن، پيشاوراڻي فوجي سهڪار ۽ خطي جي مجموعي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل تربيتي پروگرامن ۽ فوجي تربيتي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بنگلاديش فضائيا جي سربراهه پاڪ فوج جي پيشاوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. فيلڊ مارشل عاصم منير بنگلاديش سان ڊگهي مدي وارن دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ بنگلاديش ايئر چيف پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بحري سلامتي، گڏيل تربيت ۽ اعليٰ سطحي فوجي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.