هاري ڪيلاش جي قاتل ڀوتار جي گرفتاري لاءِ بدين ۾ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

بدين/ تلهار/ پيرو لاشاري (عوامي آواز رپورٽ) پيرو لاشاري ۾ بااثر ڀوتار هٿان بيدردي سان قتل ٿيل پورهيت ڪيلاش ڪولهي جي قاتل وڏيري جي گرفتاري لاءِ بدين ۾ هزارين ماڻهن طرفان ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد، بدين ڪراچي روڊ بلاڪ ٿي ويو، ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻو وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو، شاميانا لڳايا ويا، ان سلسلي ۾ رپورٽن موجب پيرو لاشاري جي ويجهو  داهو ڪولهي ڳوٺ ۾ بااثر سرفراز نظاماڻي طرفان جهوپڙي ٺاهڻ تي نوجوان ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪيو ويو هو، بااثر قاتل جي گرفتاري ۾ ناڪامي سبب پاڪستان ڪولهي اتحاد، شهرين، سياسي سماجي ڌرين ۽ مقتول نوجوان جي وارثن پير چوڪ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب حيدرآباد–بدين–ڪراچي روڊ مڪمل طور بلاڪ ٿي ويو، هزارين ماڻهن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سوين گاڏيون ٻنهي پاسن تي ڦاسيون پيون، ڌرڻو 14 ڪلاڪن کان مٿي وقت تائين جاري هجڻ سبب ڪيترائي مسافر پنهنجي گاڏين ۾ ڦاسي ويا آهن ۽ متاثر ٿيل ماڻهو قاتلن جي گرفتاري لاءِ زوردار نعره بازي ڪري رهيا هئا، قتل ٿيل نوجوان ڪيلاش ڪولهي جو والد چيتن ڪولهي، امڙ ميرن ڪولهن، زال لاکي ٻائي ۽ معصوم ٻار، سميت سوين عورتون ۽ هزارين ماڻهو ڌرڻي ۾ ويهي رهيا، ڪولهي اتحاد جي اڳواڻ صوڍي ڪولهي، وڪيل رام ڪولهي، ڪولهي اتحاد سنڌ صدر پهلاج ڪولهي، لالچند ڪولهي، ڊاڪٽر رام چند ڪولهي، راءِ چند ڪولهي، قومي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي، ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنهور، سنڌياڻي تحريڪ جي شازيه احمداني، مشهور وڪيل اشرف سمون، طارق آفتاب ملاح، سجاد لاشاري، مشهور شخصيت منظور سولنگي، مشهور اداڪار حيدر قادري، منصور شيخ، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ، جي ڊي اي جا محمد حسين شاهاڻي ۽ مختلف برادرين جا وڏو انگ ۽ ڪولهي برادري جي مردن ۽ عورتن ڌرڻي ۾ حصو ورتو، ڌرڻي دوران مظاهرين ايس ايس پي بدين ۽ ٽنڊو اللهيار پوليس خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته معصوم ڪيلاش ڪولهي جا قاتل سرفراز نظاماڻي ۽ سندس ساٿي گرفتار ڪيا وڃن، هنن چيو ته ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي چار ڏينهن اڳ يقين ڏياريو هو ته قاتل گرفتار ڪيو ويندو، پر ان خاطري باوجود قاتل گرفتار نه ٿيو آهي، اڳواڻن خبردار ڪيو ته قاتل جي گرفتاري تائين احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌايو ويندو، مقتول نوجوان ڪيلاش ڪولهي جي وارثن جو جوابدار جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته ايس ايس پي بدين مهلت وٺڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪيو، جوابدار جي گرفتاري تائين ڌرڻو  جاري رهندو، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، ٻچڙي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، پوليس قاتل وڏيري کي بچائي رهي آهي، جيڪڏهن ڪيلاش جو قاتل گرفتار نه ٿيو ته چپ ڪري نه ويهنداسين، ڌرڻو ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪيو ويندو.

نوجوان ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

تلهار/ ڊگهڙي: تلهار ۽ ڊگهڙي ۾ مختلف ڌرين پاران نوجوان ڪيلاش جي قاتل سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو، تلهار ۾ جي يو آءِ پاران ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، بڙ چوڪ کان مين ٽنڊو باگو اسٽاپ تائين سوين ماڻهن طرفان  ريلي ڪڍي وئي، جي يو آءِ طرفان نوجوان ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته بدين ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، چوريون، ڦرون ۽ جهيڙا معمول بڻجي ويا آهن، منشيات کلي عام وڪرو ٿي رهي آهي،  جوابدار سرفراز نظاماڻي کي پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد قاتل سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ڊگهڙي ۾ به ڪيلاش جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ڪولهي برادري  طرفان احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته جوابدار جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

ڪجهه ماڻهو طبقاتي سسٽم ٺاهيون ويٺا آهن: حيدر قادري

بدين: اداڪار حيدر قادري  هاري ڪيلاش جي قاتل جي گرفتاري لاءِ هنيل ڌرڻي ۾ ڳالھائيندي چيو ته ڪجھه ماڻھو طبقاتي سسٽم ٺاھيون ويٺا آھن جيڪو تسليم نٿا ڪريون، ڪيلاش جو قتل ھڪ وڏو الميو آھي  قاتل گرفتار ٿيڻ گھرجن، حيدر قادري ڪيلاش جي قاتل کي للڪاريندي چيو ته ڪيلاش انسان جو پٽ ۽ تون جانور جو پٽ آهين، ڪولهي سنڌ جا وارث آهن، ڪيلاش جو تيزاب سنڌي وارث آهي، هن مطالبو ڪيو ته ھزارين ماڻھو روڊن تي آھن، ڪيلاش جا قاتل گرفتار ڪريو، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

حڪومت هڪ ڀوتار کان ڊنل آهي: سوشل ميڊيا

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پيرو لاشاري ۾ تقريبن چار ڏينهن اڳ ڀوتار سرفراز نظاماڻي طرفان جهوپڙي ٺاهڻ تي پورهيت  نوجوان ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪيو ويو، پر هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، بدين ۾ هزارين ماڻهن طرفان سخت سيءُ ۾ به ڌرڻو جاري رکيو ويو، سوشل ميڊيا واهپيدارن حڪومت مٿان سخت تقنيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ ڀوتار کان ڊنل آهي، بيگناهه ڪيلاش کي قتل ڪيو ويو پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ حڪومت هڪ ڀوتار کي گرفتار ناهن ڪري سگهيا، معصوم ٻار به سخت سيءُ باوجود ڌرڻي ۾ شامل آهن، هڪ صارف لکيو ته افسوس جو مقام آهي جو بيگناهه هڪ نوجوان کي قتل ڪيو ويو پر هزارين ماڻهن جي ڌرڻي باوجود حڪومتي ڌر ننڊ پيل آهي، هڪ ٻئي سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ته  ڇا لکجي، هنن کان ته حيدر قادري شينهن آهي جو ڌرڻي ۾ پهتو آهي، چونڊيل نمائندن جي ڪن تيءَ جونءَ به نٿي سُري، بااثر سرفراز نظاماڻي کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.

ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ جو وفد شريڪ، سنڌ سرڪار  قاتل وڏيرن جي سرپرستي پئي ڪري:اڳواڻ

بدين (پ ر) هاري ڪيلاش ڪولھي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بدين ۾ لڳل ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ جو وفد شريڪ، عوامي تحريڪ جو وفد مرڪزي نائب صدر ستار رند، ضلع صدر مهراڻ درس، ايڊووڪيٽ رام ڪولهي، لکاڏنو خاصخيلي، جيون ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پير چوڪ بدين تي لڳل ڌرڻي ۾ پهتو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته هاري ڪيلاش جو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي پر اهو سنڌ جي پورهيت طبقي ۽ هارين  تي منظم دهشتگردي ۽ ظلم جو تسلسل آهي. سنڌ ۾ هاري، مزور ۽ پورهيت مڪمل طور تي غير محفوظ آهن، جڏهن ته هارين جي قاتل وڏيرن کي پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ زمينداراڻو نظام، بااثر ڌرين جي ڏاڍ، ۽ لاقانونيت سبب هاري مسلسل تشدد، بي دخلي ۽  قتل جو شڪار ٿي رهيا آهن. حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي، پر سنڌ سرڪار لاقانونيت کي فروغ ڏئي، قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته هاري ڪيلاش ڪولهي جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي، هارين جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

پيپلزپارٽي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي ڇڏيو آهي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  پيپلزپارٽي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي ڇڏيو آهي. بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي، دادو ۾ نادر جمالي، ٺٽو ۾ علي بخش ملاح  هي لاش پيپلزپارٽي رڳو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏنا آهن.معصوم پريا ڪماري سالن کان اغوا آھي. اغوا ٿيل فضيلا سرڪي کي به ظاھر نٿو ڪيو وڃي. يونيورسٽين مان نياڻين جا لاش ملن ٿا. غريب ماڻهن جي زندگي جھنم بنائي وئي آهي،هن چيو ته سنڌ کي وڏيراشاهي، سرداري نظام، ڪرپشن، ڏوھن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات جو مرڪز بڻايو ويو آهي. پيپلزپارٽي جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ ۾ آمريت قائم ڪري ڇڏي آهي. سڄي سنڌ پوليس ۽ ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ کي ترقي بدران لاشن جا تحفا ڏنا آهن،هن چيو ته سڄي سنڌ ڌاڙيلن، منشيات فروشن ۽ ڪرپٽ وزيرن ۽ بي رحم بي حس بيورو ڪريسي جي حوالي آھي.

سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي:صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪارو قانون پيو هلي، ڪير به محفوظ ناهي، قانون ۽ انصاف ناهي، سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، هڪ طرف لاڙ ۾ نوجون ڪيلاش ڪولهي جو قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جا قاتل پوليس گرفتار نٿي ڪري، بي  طرف اُتر سنڌ ۾ دادو جي نوجوان زميندار نادر جمالي کي پوليس مقابلو ڪري قتل ڪري ڇڏي ٿي، جتي قانون خاموش آهي، هر طرف رڳو انڌير ۽ ناانصافي پئي نظر اچي، ڪٿي به سرڪار جو انصاف ۽ قانون نظر نٿو اچي، هن چيو ته  نادر جمالي جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.