اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نعيم خالد لوڌي چيو آهي ته موجوده عالمي صورتحال ۾ رڳو اهي ملڪ محفوظ سمجهيا وڃن ٿا، جن وٽ ايٽمي هٿيار موجود آهن، ڇاڪاڻته انهن خلاف سڌي طرح سپر پاورز ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ گهڻو سوچين ٿيون. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪا وٽ اها سگهه موجود آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور ختم ڪري سگهي.ايران وٽ ڪيتري مقدار ۾ يورينيم موجود آهي ۽ ڇا اها مقدار ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهي، ان بابت سندس وٽ ڪا تصديق ٿيل معلومات ناهي، پر جنهن انداز سان آمريڪا ۽ اسرائيل پريشان نظر اچن ٿا، ان مان لڳي ٿو ته ايران پنهنجي مقصد جي ڪافي ويجهو پهچي چڪو آهي.نعيم خالد لوڌي چيو ته افغانستان بابت موجوده پاڪستاني پاليسي تي سنجيدگي سان ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس ذاتي خيال موجب، افغانستان سان لاڳاپيل پاليسي ٽن رخن تي ٻڌل هئڻ گهرجي.پهريون، ٽي ٽي پي خلاف بي رحم ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جتي به اهي حملو ڪن، اتي سخت جواب ڏنو وڃي.ٻيو، افغان حڪومت تي سفارتي ۽ معاشي دٻاءُ وڌايو وڃي، پر اهو خيال رکيو وڃي ته افغان عوام سان اهڙو سلوڪ نه ٿئي، جو هو هميشه لاءِ پاڪستان جا دشمن بڻجي وڃن.ٽيون، چين، ايران ۽ ٻين دوست ملڪن کي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن اهي افغان حڪومت تي پاڪستان جي خدشن بابت دٻاءُ وجهن،هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو فوج اڪيلي نه کٽي سگهي ٿي،هن جنگ جي قيادت سياسي قيادت کي ڪرڻ گهرجي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران ۾ اهڙي حڪومت اچي وڃي، جيڪا آمريڪا جي ويجهو هجي، ته ان سان پاڪستان لاءِ مسئلا وڌي سگهن ٿا، ڇاڪاڻته ان صورت ۾ آمريڪا وٽ پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هڪ وڌيڪ محاذ کلي ويندو. هن چيو ته اڳ ئي ڀارت پاڪستان لاءِ هڪ چئلينج آهي، جيڪڏهن ايران به ان صف ۾ شامل ٿي ويو ته پاڪستان وڌيڪ دٻاءَ ۾ اچي سگهي ٿو.نعيم خالد لوڌي چيو ته آمريڪا پاڪستان کان ڪيترن ئي معاملن ۾ پنهنجي مرضي مڃرائڻ چاهي ٿو. سندس خيال موجب، آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان ۾ الجهيل رهي، جيئن پاڪستاني فوج مصروف رهي ۽ علائقي ۾ ٻين هدفن، خاص طور ايٽمي اثاثن تائين رسائي جا رستا هموار ٿين.هن چيو ته آمريڪا نٿو چاهي ته سي پيڪ اڳتي وڌي، گوادر ترقي ڪري يا چين جو اثر هن علائقي ۾ وڌي. ان کان علاوه، آمريڪا پاڪستان جي ناياب معدنيات (ريئر ارٿ مٽيريل)، آف شور تيل ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي به ڪنٽرول چاهي ٿو ۽ نٿو چاهي ته انهن شعبن ۾ چين کي اهم ڪردار ملي.هن چيو ته هي منصوبو 2017–18ع ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو هو، پر ان کي سست ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.