پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ اجازت نه ڏني؟

اسلام آباد(اسد طور( شهباز شريف حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ طرفان پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سان  ڳالهين جي اجازت نٿي ملي، پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان بار بار چئي رهيون آهن ته هنن حڪومت جي ڳالهين جي آڇ قبول ڪئي، پر ان کان پوءِ حڪومت طرفان ڪو رابطو نه ڪيو ويو. فوجي ترجمان  جي لڳاتار پريس ڪانفرنسن، پي ٽي آءِ، ڪي پي حڪومت ۽ عمران خان خلاف سخت ٻولي استعمال ڪرڻ کي به ڳالهين جي بندش جو واضح اشارو قرار ڏنو ويو، هن سال جو هدف سموري اپوزيشن، خاص طور پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ، عمران خان جو سياسي ڪردار ختم ڪرڻ، اختلاف ڪندڙ آواز ۽ آزاد صحافين کي دٻائڻ آهي. ان ڪري ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.حڪومت مڪمل طور بي اختيار نظر اچي ٿي، جيڪا هر قدم لاءِ اجازت جي منتظر آهي،ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ جج 25_ 25 ۽ 30_ 30 لک رپيا ماهوار پگهارون وٺي رهيا آهن، پر نه اختيار رهيو آهي، نه عزت، نه ساک. هاڻي ته ايمنسٽي انٽرنيشنل به چئي ڇڏيو آهي ته 27هين آئيني ترميم پاڪستان جي آزاد عدليه، منصفاڻن ڪيسن ۽ قانون جي حڪمراني تي هڪ سنگين حملو آهي.ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته هي ترميم سول سوسائٽي، قانوني برادري ۽ اپوزيشن سان ڪنهن به مشاورت يا بحث کان سواءِ، رڳو ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪئي وئي. ان کان علاوه گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان به هن عمل کي جلدبازي ۽ شفافيت جي کوٽ قرار ڏنو.هي آئيني ترميم عدليه جي قتل برابر آهي، پر ججن کي ڪو احساس ناهي، ڇاڪاڻ⁠ته کين لکين رپين جون پگهارون ملي رهيون آهن. جڏهن ته حقيقت ۾ هڪ جج لاءِ اهو سڀ کان وڏي توهين هئڻ گهرجي ته سندس اختيار کسجي وڃن.ججن جي عزت، ساک سندن اختيارن سان جڙيل هوندي آهي. اهي چونڊيل نمائندن کي نااهل ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم کي گهر موڪلي سگهن ٿا، آئين جي تشريح ۽ آئيني ترميمن کي رد به ڪري سگهن ٿا. پر هاڻي اهي سڀ اختيار ختم ٿي ويا آهن، بلڪه هڪ ٻي عدالت مٿن مسلط ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.