ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ٻاهران هٿ ملوث آهن. دهشتگردن خيبرپختونخوا جيان بلوچستان ۾ به ڏکيائيون پيدا ڪيون، اسان دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. ڪوئيٽا ۾ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڀني ڏکيائين جي باوجود صوبائي حڪومت عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي، جنهن تي وزيراعليٰ ۽ سياسي قيادت مبارڪباد جا حقدار آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا جيان بلوچستان ۾ به دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جو امن تباهه ڪندڙن کي مئي ۾ جواب مليو. مئي مهيني ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت هيٺ فوج ڀارت کي تاريخي سبق سيکاريو. هن اين ايف سي ايوارڊ بابت ٻڌايو ته اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيـساڻي وسيلن ۾ سئو سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪو جائز هو، پنجاب پنهنجي حصي مان ساليانو 11 ارب رپيا ڏئي اڳڀرائي ڪئي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي-چمن روڊ جي پيڙهه جو پٿر رکيو پيو وڃي، جيڪو 300 ارب رپين جو منصوبو آهي، جنهن سان سفر جو وقت 18 ڪلاڪن مان گهٽجي 8 ڪلاڪ ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته تيل اگهه گهٽجڻ جو سڌي ريت فائدو عوام کي پهچي رهيو آهي. بلوچستان ۾ هڪ ئي وقت پنج دانش اسڪول پڻ قائم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم اهو عزم ورجايو ته بلوچستان جي مسئلن جي حل، ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب اندا ويندا. وزيراعظم بلوچستان ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ، امن امان، سياسي هم آهنگي، وزيراعظم ڪمپلينٽ سيل تي داخل عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ اپائن جي ساراهه ڪئي. ڪوئيٽا جي دوري دوران وزيراعظم مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو جڏهن ته ٻوڏ متاثرن ۾ گهر ۽ چيڪ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم دانش اسڪولن ۽ قومي شاهراهه اين 25 جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم کي چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان صوبي ۾ مختلف شعبن ۾ سڌارن، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، تعليم، صحت، گورننس ۽ عوامي خدمت جي فراهمي بابت اپائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.