اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) دهشتگردن جي سهولتڪار هجڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اسان جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته هن معاملي تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾، پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ۽ پارٽي اڳواڻن سلمان اڪرم راجا ۽ اسد قيصر هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.ان موقعي تي، بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ‘پي ٽي آءِ جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته دهشتگردي هڪ لعنت آهي ۽ ان کي پاڙ کان ختم ڪرڻ هڪ قومي ذميواري آهي.’ هن چيو ته ‘اسان جو موقف هميشه اهو رهيو آهي ته دهشتگردي تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي. حقيقت ۾ اسان کي دهشتگردي تي هڪ واحد موقف ۽ بياني جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن وقت اهو پڇڻ نامناسب ۽ خطرناڪ آهي ته پي ٽي آءِ کي دهشتگرد ڇو نشانو نه بڻائي رهيا آهن، هن چيو ته ‘اسان جو خيال آهي ته جڏهن به ڪو دهشتگرد حملو ڪري ٿو ته سڄي ملڪ کي نشانو بڻايو پيو وڃي. گوهر علي خان چيو ته ‘جيڪڏهن دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ سنجيده طريقي جي ضرورت آهي ته پوءِ الزام لڳائڻ لاءِ ٽوئيٽر ۽ پريس ڪانفرنسن جو سهارو نه وٺڻ گهرجي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ ۽ خيبر پختونخواهه حڪومت جي اولين ترجيح پنهنجي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي. ۽ ان تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيو آهي.هن زور ڏنو ته ‘ان جي باوجود، اسان تي الزام هڻڻ، پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ اسان کي نشانو بڻائڻ سان وڇوٽيون وڌي رهيو آهي، جيڪو هن وقت قوم لاءِ نقصانڪار آهي، ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سلمان اڪرم راجا پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي الزامن کي ‘افسوس جوڳو’ قرار ڏنو ۽ زور ڏنو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ‘دهشتگردن جا همدرد’ نه آهن.هن اهو موقف اختيار ڪيو ته ‘صرف هڪ بيوقوف ئي دهشتگردن سان همدردي ڪري سگهي ٿو. فوجي آپريشن جي معاملي تي پي ٽي آءِ تي لڳايل الزامن جو جواب ڏيندي، سلمان اڪرم راجا چيو ته ‘اسان پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون ۽ بيگناهه ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ شهادت کي قبول نٿا ڪري سگهون.’ هن چيو ته پي ٽي آءِ هميشه ‘ايڪشن پلان ٺاهڻ ۾ تعاون سان ڪم ڪرڻ’ جي آڇ ڪئي آهي.’ هن ياد ڏياريو ته پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه ۾ هڪ امن جرڳو منعقد ڪيو هو، جتي ‘خيبر پختونخواهه جي سڀني سياسي پارٽين، عالمن ۽ دانشورن متفقه طور تي اتفاق ڪيو هو ته دهشتگردي خلاف موجوده پاليسي غلط آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا عوام ۽ رياستي اداري جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.سلمان اڪرم راجا اهو موقف به ورجايو ته ڪا به ڳالهه ٻولهه، چاهي دهشتگردي تي هجي يا ڪنهن ٻئي مسئلي تي، عمران خان کي ٻاهر رکڻ سان نه ٿي سگهي.’ هن مرڪز تي تنقيد ڪئي ته هو ‘خيبر پختونخواهه کي ان جي ماڻهن جي ترقي لاءِ فنڊ فراهم نه ڪري رهيو آهي. اسد قيصر دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ الزام لڳايو ته ان کي ‘ڪچليو’ پيو وڃي. اسد قيصر وڌيڪ چيو ته اسان کي ريليون ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي، ۽ ان کان علاوه اسان جي خلاف مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسد قيصر وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا ۾ ڪا به پارٽي دهشتگردي کان محفوظ نه رهي آهي.