ملڪ ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو، پنجاب ۾ بحران، حيدرآباد ۾ به اگهه وڌي ويو

ڪراچي/لاهور( رپورٽر/ع آ نيوز) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. حيدرآباد ۾ في ڪلوگرام 10 کان 20 رپيا واڌ ڪئي وئي، 20 ڪلوگرام اٽي جي ٿيلهي 2400 کان وڌي 2600 رپيا ٿي وئي آهي. مل مالڪن جو چوڻ آهي ته 100 ڪلوگرام ڪڻڪ جي ٿيلهي ۾ 13 کان 15 سئو رپيا واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پشاور ۾ هڪ هفتي ۾ 20 ڪلوگرام جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 200 رپيا واڌ ٿي آهي. ٻئي طرف  فلور ملز ايسوسيئيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جاري نه ٿيڻ سبب پنجاب ۾ اٽي جي کوٽ آهي، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ وچ پنجاب ۾ بحراني صورتحال وڌي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي لاهور تائين محدود آهي ۽ ٻين شهرن ۾ 10 ڪلوگرام اٽي جو ٿيلهو موجود ناهي، فلور ملز ڪڻڪ جي کوٽ سبب پيسڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، اهي 4600 رپيا في من ڪڻڪ وٺي سستو اٽو وڪرو نٿا ڪري سگهن. گروپ ليڊر فلور ملز ايسوسيئيشن عاصم رضا جو چوڻ آهي ته کاتو مارڪيٽ ۾ جيتري ڪڻڪ موڪلي رهيو آهي اوترو ئي اٽو موڪلي رهيو آهي، ڪڻڪ جي کوٽ آهي ۽ اها مهانگي به ٿي وئي آهي، هن سال ڪڻڪ جي فراهمي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي.ترجمان موجب، 10 ڪلوگرام اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2000 رپيا آهي. 905 رپيا آهي، جڏهن ته 20 ڪلوگرام جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1,810 رپيا آهي. پنجاب ۾ اٽي جي قيمت نه وڌي آهي ۽ نه ئي ان کي وڌائڻ جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.