ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) ڪراچي کان سکر، حيدرآباد کان ٿر سميت سنڌ ۾ 6 ريلوي روٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گذريل 25،30 سالن کان سنڌ جي کاٻي ۽ سڄي پاسي بيهجي ويل ريلوي نظام کي ٻيهر هلائڻ ريلوي پٽڙين جي مرمت ڪري سنڌ جي 67 سيڪڙو آبادي کي ريلوي سفر جي سهولت لاءِ گڏجي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بحال ڪيل روٽن ۾ ڪوٽڙي کان دادو، دادو کان لاڙڪاڻو، حيدرآباد کان ميرپور خاص، روهڙي کان جيڪب آباد ۽ حيدرآباد کان بدين شامل آهن. ان حوالي سان ڪالهه وزير اعلي هائوس ۾ وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وچ ۾ ٿيل هڪ اهم اجلاس ۾ صوبي جي ريلوي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان 6.6 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پڻ وڏي رقم خرچ ڪندي ۽ سنڌ اندر ريلوي سفري سهولتن تي اربين رپين جي منصوبي تي اتفاق ڪيو ويو. هن منصوبي جي شروعات ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪراچي کان ٿرپارڪر رستن کان ڪئي ويندي جنهن جو مقصد لکين شهرين کي جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ موجود 308 مان 100 مينڊ ريلوي ڪراسنگن جي تبديلي، ريلوي نظام جي بحالي ۽ پهرين مرحلي ۾ پنهنجي وسيلن سان ڇهه ٽرينون جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ڇهه ٽرينون هلائڻ لاءِ 6.6 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار آهي. هن فوري طور فنڊ جاري ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون۔ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ 25 سالن جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون، اجلاس ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير جي وفد ۾ سيڪريٽري ريلوي مظهر علي شاهه، جنرل مئنيجر ريلوي عامر بلوچ ۽ ٻيا سينيئر عملدار شامل هئا۔ اجلاس جو مرڪزي نڪتو ريل تي ٻڌل مضافاتي ٽرانسپورٽيشن پلان هو جنهن جو مقصد “سٽي سينٽر کان سٽي سينٽر” سڌو رابطو فراهم ڪرڻ آهي. هي منصوبو لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 70 لک ماڻهن کي سهولت فراهم ڪندو جيڪي سنڌ جي ڪل آبادي جو 67 سيڪڙو آهن۔ منصوبي تحت ڇهن اهم رستن تي 858 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي ٽريڪ جي بحالي جي تجويز ڏني وئي آهي جن ۾ ڪوٽڙي–دادو (181 ڪلوميٽر)، دادو–لاڙڪاڻو–حبيب ڪوٽ (166 ڪلوميٽر)، حيدرآباد–ميرپورخاص–ماروي (200 ڪلوميٽر)، روهڙي–جيڪب آباد (87 ڪلوميٽر)، جيڪب آباد–ڪشمور ڪالوني (124 ڪلوميٽر) ۽ حيدرآباد–بدين (100 ڪلوميٽر) شامل آهن۔ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته هن سيڙپڪاري کان پوءِ ڪوٽڙي کان دادو تائين سفر جو وقت لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ گهٽجي ويندو۔ منصوبي جي مجموعي لاڳت 63.26 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 33 ارب رپيا بنيادي انفراسٽرڪچر (سول ورڪس، ٽريڪ ۽ سگنلنگ)، 27.6 ارب رپيا ڇهن جديد ڊي ايم يو (DMU) ٽرين سيٽن جي خريداري ۽ 2.66 ارب رپيا سار سنڀال جي سهولتن لاءِ شامل آهن۔ تجويز ڪيل بزنس ماڊل تحت انفراسٽرڪچر جا 100 سيڪڙو خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي جڏهن ته پاڪستان ريلوي رائيٽ آف وي (RoW) ۽ ضروري منظوريون فراهم ڪندي۔ اجلاس ۾ 308 غير محفوظ (ان مينڊ) ريلوي ڪراسنگن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ انهن کي مينڊ ڪراسنگن ۾ تبديل ڪرڻ جي 6 ارب رپين واري منصوبي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، جنهن جو مقصد حادثن کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته حڪومت جو مقصد سنڌ جي ڏورانهن علائقن کي جديد، سستي ۽ محفوظ سفري سهولتن سان ڳنڍڻ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ شهرين کي محفوظ “سٽي سينٽر کان سٽي سينٽر” سفري سهولت فراهم ٿيندي. وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تعاون پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات هوندي. هن چيو ته وزارتِ ريلوي سنڌ کي اهڙو ريلوي نظام فراهم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو ماحول دوست هجڻ سان گڏ معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ريلوي منصوبي لاءِ مڪمل فني سهڪار ۽ رائيٽ آف وي فراهم ڪندي۔ اجلاس ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپگريڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو ويو جنهن تي 999.97 ملين رپين جي لاڳت ايندي.