اسرائيلي فوج جون غزا ۾ ڀڃڪڙيون جاري، تازي حملي ۾ ٻارڙيءَ سميت 4 ڄڻا شهيد

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج طرفان غزا ۾ جنگبندي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن ۽ تازن حملن ۾ 11 ورهين جي ٻارڙيءَ سميت 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ۽ ڏکڻ غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي سميت 4 فلسطيني شهيد ۽ 3 زخمي ٿيا.
گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ اسرائيل 1100 ڀيرا جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن.
هوڏانهن اسرائيل حماس کان آخري يرغمالي جي باقيات جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته باقيات ملڻ تائين غزا جنگبندي جي ايندڙ مرحلي تائين نه وينداسين ۽ نه ئي رفح ڪراسنگ کولينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.