ماهرن جو وڏو ڪارنامو، بجلي بليڪ آئوٽ کي هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ ٺيڪ ڪندڙ ٽيڪنالاجي تيار

جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي نيشنل گرڊ ۾ ڪا خرابي اچي وڃي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ مسئلو حل ناهي ٿيندو، ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن به لڳي ويندا آهن.
پر چين هڪ سمارٽ پاور گرڊ ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي، جيڪا بليڪ آئوٽ کي هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ ختم ڪري سگهي ٿي.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي رپورٽ موجب ان ٽيڪنالاجي سان سڄي دنيا ۾ بجلي جي محفوظ ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
گرڊ پروٽيڪشن ٽيڪنالاجي پاور گرڊ ۾ موجود فالٽس کي الڳ ڪري هڪ سيڪنڊ جي 10هين حصي ۾ بجلي کي بحال ڪري ڇڏيندي، توڙي جو عام طور تي ان مسئلي جي حل ۾ ڪلاڪ لڳندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اها ٽيڪنالاجي تمام گهٽ وقت ۾ مائڪرو فالٽس کي سڃاڻي انهن کي ٺيڪ به ڪري ڇڏي ٿي.
رپورٽ موجب ان ٽيڪنالاجي کي چين ۾ استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته 12 ملڪن کي برآمد به ڪئي ويندي.
ان کي چائنا پاور ريسرچ انسٽيٽيوٽ تيار ڪيو آهي، جيڪو اسٽيٽ گرڊ ڪارپوريشن آف چائنا سان جڙيل ادارو آهي.
واضح رهي ته چين جو پاور گرڊ سسٽم دنيا ۾ سڀ کان وڏو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.