تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٽيٽو ٺهرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪارنهن صحت کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
جنرل Immunity & Inflamaation ۾ ڇپيل تحقيق موجب مدافعتي خليون ٽيٽو جي ڪارنهن کي ذرن کي سڃاڻي وٺڻ ٿيون ۽ انهن کي لمف نوڊز تائين منتقل ڪري ڇڏين ٿيون، جتي اهي وقت سان گڏ جمع ٿي سوڄ جو سبب بڻجن ٿا.
تحقيق ۾ ٽيٽو جي ڪارنهن جو مدافعتي نظام کي متاثر ڪرڻ سان هڪ ٻيو نقصان به سامهون آيو ته اها ويڪسين جو اثر به گهٽائي سگهي ٿي.
يونيورسٽي آف ويسٽرن اونٽاريو جي ڪيمسٽ يولانڊا هيڊبرگ موجب جديد دور ۾ ٽيٽو لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪارنهن توڙي جو ماضي ۾ ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهي پر خطرا اڃا به موجود آهن.
ماهرن موجب سڀ کان عام مسئلو الرجڪ ردعمل آهي ۽ هڪ ڀيرو جيڪڏهن الرجي ٿي وڃي ته ٽيٽو کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.
تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ليزر ذريعي ٽيٽو ختم ڪرڻ سان رنگ جا ذرا جسم ۾ وڌيڪ پکڙجي سگهن ٿا.
واضح رهي ته مختلف مطالعن سان اها خبر پئي آهي ته ٽيٽو ٺهرائيندڙ ماڻهن ۾ لمفوما ۽ جلد جي ڪينسر جو خطرو معمولي حد تائين وڌي ويندو آهي، توڙي جو اهو خطرو گهڻو ناهي پر ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٽيٽوز صحت تي معمولي پر اثر ضرور وجهن ٿا.
You might also like