مردن جي ذهنيت رولو ڪُتن سان ڀيٽڻ تي ڀارتي اداڪارا تي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارت جي ڪناڊا فلمن جي اداڪارا ۽ اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر ديويا سپاندنا رولو ڪتن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي موقف جي ڀيٽ انساني روين سان ڪري نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو.
ڀارتي سپريم ڪورٽ روڊن تي ڪتن جي گهڻائي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هو ۽ هدايتن تي عمل نه ڪندڙ رياستن خلاف سخت قدمن تي زور ڏنو هو.
اڳوڻي لوڪ سڀا ميمبر ۽ اداڪارا ديويا سپاندنا رولو ڪتن ۽ عوامي سلامتي بابت سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، جنهن تي بحث شروع ٿي ويو آهي.
انسٽاگرام تي پنهنجي ردعمل ۾ 43 ورهين جي اداڪارا چيو ته مان مرد جو ذهن نٿي پڙهي سگهان، اهو به نٿي ڄاڻيان ته هو ڪڏهن ريپ ڪندو، پوءِ ڇا سڀني مردن کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي؟
ديويا سپاندنا جو تبصرو ان وقت سامهون آيو، جڏهن سپريم ڪورٽ رولو ڪتن ۽ ٻين جانورن جي آزادي سان گهمڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو هو ته اهي موٽر سائيڪل سوارن ۽ پنڌ هلندڙن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.
تازي ٻڌڻي دوران عدالت نوٽ ڪيو ته اڳوڻي حڪمن باوجود مڪاني ادارا ۽ رياستي حڪومتون رولو ڪتن جي نسبندي ۽ ويڪسينيشن ۾ ناڪام رهيون.
اداڪارا ديويا سپاندنا طرفان مردن جي ذهنيت رولو ڪُتن سان ڀيٽڻ تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.