سڊني (ويب ڊيسڪ) جڏهن آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا کان سندس 88هين ۽ آخري ٽيسٽ کان اڳ پڇيو ويو ته هڪ شاندار ڪيريئر جي پڄاڻي ڪيئن هئڻ گهرجي؟ ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته ”مان سمجهان ٿو، منهنجي ڪيريئر جي شاندار پڄاڻي اڳ ئي ٿي چڪي آهي، تنهنڪري ان سان ڪو فرق نه پوي ته مان سڊني ٽيسٽ ۾ گهڻيون رنسون ٺاهيندس.“
سندس لفظ اڄ سچ ثابت ٿي چڪا آهن، عثمان خواجا پنهنجي 88هين ۽ ڪيريئر جي آخري عالمي ٽيسٽ اتي کيڏي، جتي پندرنهن سال اڳ هن انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو،
سڊني ۾ ڪيريئر جي آخري اننگز ۾ هو جوش ٽُنگ جي بال تي رڳو ڇهه رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته آسٽريليا پنجين ميچ به انگلينڊ کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايشز سيريز چار هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سيريز جي پڄاڻي سان گڏوگڏ خواجا کي ميدان کي الوداعي سلام چوڻ جو موقعو مليو.
انگلش ٽيم عثمان خواجا کي ملڪ ۽ راند لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ڪريز تي اچڻ مهل گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ خواجا ٿورا مڃيندي انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس سان هٿ ملايو.
آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ هن هيلمٽ ۽ گلوز لاٿا، بيٽ هوا ۾ بلند ڪئي ۽ پنجين ڏينهن سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ موجود 25847 تماشائين کيس اُٿي بيهي داد ڏنو.
ان موقعي تي آسٽريليا جي پهرئين مسلمان ٽيسٽ ڪرڪيٽر طور هن ميدان تي ٺهيل ان سائن کي سجدو ڪيو، جنهن تي ”مهرباني اُزي #419“ لکيل هو.
ميچ کانپوءِ فاڪس ڪرڪيٽ سان ڳالهائيندي خواجا چيو ته ”منهنجي دلي خواهش هئي ته رنسون ٺاهيان ۽ فتح لاءِ گهربل آخري رنسن به اسڪور ڪيان، پر ان ڳالهه تي خوش ۽ ٿورائتو آهيان ته اسان آخري ميچ ۾ سوڀارا ٿياسين ۽ مان ساٿي رانديگرن سان جشن ملهائي سگهيس.“
ايشز سيريز کٽڻ کانپوءِ ملهايل فتح جي جشن جي خاص ڳالهه اها هئي ته ٽرافي وٺڻ واري تقريب دوران روايتي شيمپيئن نه کولي وئي، آسٽريلوي ٽيم رٽائر ٿيندڙ عثمان خواجا کي يادگار الوداعي ٽربيوٽ پيش ڪيو.
سوشل ميڊيا تي آسٽريلوي ٽيم جي ان قدم کي ساراهيو پيو وڃي، ڇو ته روايتي شيمپيئن شاور بدران اسٽيو سمٿ ۽ آسٽريلوي ٽيم سادي انداز ۾ جشن ملهائڻ کي ترجيح ڏني، جيئن عثمان خواجا پنهنجي آخري ٽرافي کڻڻ مهل اڳيان موجود رهي سگهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به آسٽريلوي ٽيم ڪيترن موقعن تي کان کانسواءِ جشن ملهايو آهي ته جيئن عثمان خواجا تقريب جو حصو بڻجي سگهي.
آسٽريليا جڏهن 2023ع ۾ ڀارت کي هارائي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن بڻيو هو، تڏهن به عثمان خواجا پنهنجي مذهبي عقيدن سبب جشن ۾ حصو نه ورتو هو، ان وقت ڪپتان پيٽ ڪمنز پنهنجي ساٿي رانديگرن کي شراب سان جشن ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
You might also like