آمريڪا ۾ بيگناهه عورت جي مارجڻ تان حالتون خراب

نيو يارڪ (شهباز گل) آمريڪا ۾ صورتحال هاڻي تقريبن افراتفري جي حد تائين پهچي چڪي آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ سال اڳ اعلان ڪيو هو ته غير قانوني پناهگيرن کي زبردستي ملڪ مان ڪڍيو ويندو، جنهن لاءِ آءِ سي اي  فورس تيار ڪئي وئي ۽ نيون ڀرتيون ڪري بجيٽ  وڌائي وئي.  تازو، ICE جا 2 هزار ايجنٽ منيسوٽا پهتا جتي هڪ رهائشي علائقي تي ڇاپو هنيو ويو، ان دوران 37 سالن جي رني نڪول گڊ کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جيڪا آمريڪا ۾ پيدا ٿيل گوري هئي. سندس 6 سالن جو ٻار يتيم ٿي ويو. ڄاڻ موجب چيو پيو وڃي ته هو پناهگيرن جي گرفتاري روڪڻ لاءِ ايجنٽن جي آڏو گاڏي بيهاري هئي، جڏهن ته وڊيو ۾ صاف نظر اچي ٿو ته عملدار ڄاڻي واڻي سندس آڏو آيا ۽ کيس 4 گوليون هڻي ماريو. منيسوٽا ۾ صومالي برادري به رهي ٿي جن بابت صدر ٽرمپ چوندو آهي ته انهن ۾ ڪجهه ڏوهاري به شامل آهن. واقعو ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو روڊن تي نڪتا ۽ گورنر نيشنل گارڊ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي آءِ سي اي ايجنٽن سان سهڪار نه ڪندا. مظاهرن ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ آهي ته عورت کي قتل ڪرڻ جو ڪو مناسب سبب نه هو، جڏهن ته آمريڪي عملدار دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هو آفيسر تي گاڏي چاڙهي رهي هئي ۽ انهيءَ سبب بچاءَ لاءِ قدم کنيو ويو. عورت غيرقانوني پناهگير نه هئي ۽ سندس مڙس 2023 ۾ فوت ٿي چڪو آهي. منيسوٽا جو گورنر ٽرمپ جي مخالف پارٽي سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته ميئر پڻ ڊيموڪريٽ پارٽي سان واڳيل آهي. وڏن شهرن جهڙوڪ شڪاگو، نيويارڪ ۽ لاس اينجلس ۾ وڏي پيماني تي مظاهرا ٿيڻ جا امڪان آهن، ڇو ته اتي به ڊيموڪريٽ جي حڪومت آهي ۽ عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.