ثقافت کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)اسپيشل جج اينٽي ڪريشن محمد امين الله صديقي جي عدالت ۾ ثقافت، سياحت، نوادرات، آرڪائيوز ۽ سياحت کاتي جي ليجنڊ ٽرسٽ اڪائونٽ مان جعلي چيڪن ذريعي 55.688 ملين رپيا ڪڍڻ جي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالتجاچ آفيسر کان پڇيو ته ڪيس جو چالان ۽ اڳڀرائي رپورٽ ڪٿي آهي.ان تي جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ مک جوابدار جي گرفتاري اڃا تائين ناهي ٿي.جاچ آفيسر عدالت کان چالان جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين وقت ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نعمت الله خان عدالتي رمانڊ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيل ۾ آهي، جڏهن ته مک جوابدار جازيبه شوڪت اڃا تائين روپوش آهي.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مکيه جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.ان کان اڳ، اينٽي ڪرپشن ويسٽ جي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪندي انڪشاف ڪيو ته کاتي جي آفيسرن جي مبينا ملي ڀڳت سان ثقافت، سياحت، نوادرات، آرڪائيوز ۽ سياحت کاتي جي ليجنڊ ٽرسٽ اڪائونٽ مان نعمت الله خان ۽ جزيبه شوڪت جي نالن تي جعلي چيڪ بڪ جاري ڪيا ويا هئا.اڳڀرائي رپورٽ موجب تي  اصل درخواستن جا ڪاغذ ڪڍيا ويا ۽ جعلي ڪاغذ داخل ڪيا ويا، جڏهن ته جعلي چيڪ بڪ ڪجهه وقت لاءِ ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عادل احمد دايو وٽ هئا.

  1. عدالت،بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ مداخلت ڪيئن ڪندي: سنڌ   هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي عدالت ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ دير جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي ،جنرل سيڪريٽري  جي اميدوار ممتاز تنولي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي .ڪراچي بار جو جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتوآهي . عدالت درخواستگذار کان سوال ڪيوتي عدالت بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿي، درخواستگذار چيو ته ڪراچي بار جي موجوده ڪابينا 31 ڊسمبر تي ختم ٿي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾، سنڌ بار ڪائونسل کي اقتدار سنڀالڻو هو، درخواستگذار چيو ته ڪو به نٿو ڄاڻي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، عدالت بار چونڊن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، عدالت درخواستگذار کي چيو ته توهان پاڪستان بار ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪري سگهو ٿا، درخواستگذار چيو تي مون چيف سيڪريٽري کي به ڌر بڻايو آهي، عدالت چيو ته حڪومت جو بار ايسوسيئيشن سان ڪو به تعلق ناهي، عدالتهي هڪ ايسوسيئيشن آهي، رحمان ڪورائي جنرل سيڪريٽري ڪراچي بارچيو ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، سڀني جا موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.