ڳڙهي ياسين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، ٻه سڳا ڀائر مارجي ويا

 ڳڙهي ياسين (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ)ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙو ٿيو آهي جنهن ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ فريد جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين عبدالجبار جتوئي ۽ عبدالحڪيم جتوئي جو پاڻ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن ۾ هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر عارب جتوئي ۽ گل الدين جتوئي مارجي ويا آهن. مارجي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش واقعي واري هنڌ کان ڳاھيجا پوليس کڻائيمدئجي اسپتال پهچايا اوڏانهن ٻنهي ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ هلندڙ آهي علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.