واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته وينزويلا جي عبوري حڪومت آمريڪا کي روزانو 3 کان 5 ملين بيرلتيل فراهم ڪندي ۽ ان تيل جي وڪرو مان حاصل ٿيندڙ رقم صدر جي حيثيت سان ٽرمپ جي ڪنٽرول ۾ رهندي.اهو قدم مضبوط اشارو آهي ته وينزويلا جي حڪومت ٽرمپ جي مطالبن تي عمل ڪرڻ جي تيار آهي، جنهن تحت آمريڪي تيل ڪمپنين کي وينزويلا جي تيل واري صنعت تائين مڪمل رسائي ڏني وڃي، نه ته وڌيڪ فوجي مداخلت جو خطرو وڌي سگهي ٿو.صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اهي چاهين ٿا ته عبوري صدر ڊيلسي روڊريگز آمريڪا ۽ نجي ڪمپنين کي وينزويلا جي تيل واري شعبي تائين مڪمل رسائي ڏئي،هن چيو ته نيٽو مان ڪو به خوف ناهي،چين ۽ روس آمريڪا کان ڊڄن ٿا، هن چيو ته مان مداخلت نه ڪريان ها ته پورو يوڪرين روس وٽ هجي ها،هميشه نيٽو سان گڏ رهنداسين ڀلي اهي گڏ نه رهن،هن چيو ته مان اڪيلي دنيا مان 8 جنگيون ختم ڪرايون،ناروي مون کي نوبل انعام نه ڏيڻ جو احمقاڻو فيصلو ڪيو،پر ڪا ڳالهه ناهي،اصل ڳالهه ته اها آهي ته مون لکين ماڻهن جون جانيون بچايون.