ماسڪو(م ڊ) آمريڪي نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز وينزويلا جي ناڪابندي کان بچي نڪرندڙ هڪ روسي بحري جهاز تي قبضو ڪري ورتو آهي۔پرڏيهي خبر ايجنسي موجب آمريڪي نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز ڪافي عرصي کان هن جهاز جو تعاقب ڪري رهيا هئا ۽ اڳ به ان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي۔آمريڪي اخبار مطابق، هي جهاز هڪ روسي آبدوز ۽ هڪ جنگي بحري جهاز جي حفاظت ۾ سفر ڪري رهيو هو۔هي تيل بردار جهاز گذريل مهيني وينزويلا جي چوڌاري آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل جزوي ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ آمريڪي نيوي هن جي لڳاتار پٺيان لڳل هئي۔آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هي جهاز انهن تيل بردار ٻيڙين جي نام نهاد “شيڊو فليٽ” جو حصو آهي، جيڪي وينزويلا، روس ۽ ايران جهڙن آمريڪي پابندين هيٺ آيل ملڪن جو خام تيل کڻي وڃن ٿيون۔