سهيل آفريدي کي سنڌ ۾ ڀليڪار ڪيو ويندو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته صحافت تيزي سان تبديل ٿي رھي آَھي ۽ ھاڻي ھي رڳو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين محدود ناھي رھي، سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته صحافي کي جديد بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ صحافي برادري سان ھر ممڪن سھڪار ڪيو ويندو. ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب پهتو، پريس ڪلب اچڻ تي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري اسلم خان ۽ باڊي جي ٻين عھديدارن ۽ ميمبرن سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي شاندار آجيان ڪئي. ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عھديدارن صدر فاضل جميلي ۽ جنرل سيڪريٽري اسلم خان جي سربراھي ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي پريس ڪلب جي عھديدارن پريس ڪلب آمد تي سينئر وزير جا ٿورا مڃيا ۽ درپيش مسئلن بابت آگاھي ڏني. سينئر وزير پريس ڪلب جي عھديدارن کي مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران گفتگو ڪندي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊجي آيل باڊي کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ جڏھن به صحافين کي مدد جي ضرورت پئي، سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي، صحافي تنظيمن ۽ صحافين سان گڏ بيٺل رھي. هن  چيو ته سنڌ حڪومت ھر شعبي ۾ تاريخي ڪم ڪيا آھن، خاص طور تي صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا ويا آھن، سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪنهن مريض جو شناختي ڪارڊ يا ڊوميسائل ناھي ڏٺو ويندو ھن چيو ته صحافين لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن، ڪراچي کان بعد حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شھرن ۾ به اھڙيون ڪوششون ڪيون وينديون. ھن چيو ته صحافين جي مستقبل  ۽ ڪيريئر محفوظ بڻائڻ لاءِ  جامع رٿابندي ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري عورتن جي لاءِ پنڪ بسون ۽ ماحول دوست اي وي بسون متعارف ڪرايون ويون آھن ۽ جيڪي  عورت صحافي ڊرائيونگ لائسنس جمع ڪرائينديون اُنهن کي باقاعده ٽريننگ ڏني ويندي ۽ کين ڏھن ڏينهن جي اندر مفت اسڪوٽيز ڏنيون وينديون.  ھڪ سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته ھڪ صوبي جي وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ خيبر پختونخواه  جي وڏي وزير کي سنڌ ۾ ڀليڪار چيو ويندو، سنڌ مھمان نوازن جي ڌرتي آھي  آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رھندي کين مڪمل سڪيورٽي ۽ سھولتون فراھم ڪيون وينديون، ھن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آھي سمورين سياسي پارٽين کي سياسي سرگرمين جو حق آھي، سنڌ حڪومت ڪنهن کي به نه روڪيندي، ڏڦيڙ، نفرت انگيزي ۽ قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.