ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهر ۾ ڪتن جي ڪٽڻ جا وڌندڙ واقعا،ڪتن جي خلاف ڪارروائي ۽ ويڪسين نه هجڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي درخواست گذار طارق منصور ايڊووڪيٽ جي فوري ٻڌڻي جي درخواست جي استدعا ڪئي وئي، درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته سال 2025 ۾ صوبي ۾ ڪتن جي حملن جا 29 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، ريبيز سبب صوبي ۾ 22 شهري پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، درخواست گذارجو موقف آهي ته سرڪاري ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن، عوامي مفاد جو معاملو فوري طور تي ٻڌو وڃي.