اندروني ڏڦيڙ ۽ سياسي طور ڪمزور ملڪن لاءِ خطري جي صورتحال

اسلام آباد (سيد طلعت حسين) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ وينزويلا خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائي رڳو هڪ محدود عسڪري مداخلت نه پر هڪ اهڙي نئين عالمي نظام جو عملي اعلان آهي، جيڪو طاقت، جبر ۽ کُليل جارحيت تي آڌاريل آهي ۽ جنهن ۾ عالمي قانونن، اخلاقي جواز ۽ سفارتي اصولن جي ڪا حيثيت باقي نه رهي آهي. آمريڪي ڪارروائي بابت سرڪاري اڪائونٽن تان ايڪشن مووي جي طرز جا ٽريلر جاري ڪيا ويا ۽ حقيقي انسانن جي موت کي لائيو اسڪرينز تي ڏسي تبصرا ڪيا ويا، ڄڻ سڄي دنيا هڪ فلمي سيٽ هجي ۽ ماڻهو استعمال جوڳا اداڪار آهن. اهڙي طرزِ عمل نه رڳو حقيقت ۽ تفريح جي وچ واري حد کي ميساري ڇڏيو آهي، پر مستقبل جي جنگين کي به هڪ تماشي ۾ تبديل ڪرڻ جي بنياد رکي ڇڏي آهي. هن قدم جا عالمي اثر تمام گهڻا سنجيدا آهن، ڇو ته آمريڪا پاڻ بين الاقوامي ادارن ۽ قانونن کي نظرانداز ڪري ٻين طاقتن لاءِ به کليل ڇوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي.  هاڻي جيڪڏهن روس يوڪرين ۾ اهڙو ئي طريقو اختيار ڪري يا چين تائيوان جي حوالي سان جارحاڻا قدم کڻي ته آمريڪا اخلاقي يا قانوني بنيادن تي اعتراض ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه رهندو. اهڙي طرح مهذب دنيا جي اصولن ۽ جهنگ جي قانون جي وچ وارو فرق عملي طور ختم ٿي چڪو آهي، هن صورتحال اهو به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته نئين آمريڪا سان دوستي هجي يا دشمني، ٻئي ئي ناقابلِ اعتبار بڻجي چڪا آهن، ڇو ته آمريڪي پرڏيهي پاليسي هاڻي سڌي ريت ڪارپوريٽ مفادن، خاص طور وڏين تيل ڪمپنين، جي تابع ٿي وئي آهي ۽ ڪو به اتحادي سيڪنڊن ۾ دشمن بڻجي سگهي ٿو. وينزويلا رڳو شروعات آهي ۽ ٽرمپ انتظاميا جي ايندڙ ايجنڊا ڪولمبيا، ميڪسيڪو، ايران ۽ ايستائين جو گرين لينڊ جهڙن علائقن تائين پکڙيل نظر اچي ٿي، جنهن جو مقصد اثر رسوخ کان اڳتي وڌي هڪ عظيم آمريڪي سلطنت جو قيام آهي. ان تناظر ۾ اندروني ڏڦيڙ ۽ سياسي ڪمزورين جي ورچڙيل ملڪَ لاءِ هي صورتحال هڪ شديد ۽ فوري وارننگ آهي ڇو ته اهڙيون رياستون هن جارحاڻي عالمي ماڊل جو سڀ کان سولو شڪار بڻجن ٿيون. پاڪستان جي حوالي سان به اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن علائقي ۾ ايران خلاف ڪنهن ڪارروائي جو دائرو وڌيو ته ان جا اثر لمحن ۾ سرحدن تائين پهچي سگهن ٿا. اهڙي طرح وينزويلا ۾ پيش آيل واقعو ڪو ڏورانهون  انديشو نه پر هڪ کليل سائرن آهي، جيڪو ٻڌائي رهيو آهي ته طاقت جي هن نئين نظام ۾ رڳو اهي رياستون ئي محفوظ رهي سگهن ٿيون، جيڪي اندروني طور مضبوط، متحد ۽ باخبر هجن، ٻي صورت ۾ مادورو جي انجام جهڙا مثال رڳو تاريخ نه پر مستقبل جو امڪان بڻجي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو 06 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.