سيوهڻ/جوهي (نمائندن وٽان ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو جوهي پهچڻ تي ضلع انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پهچڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ مين روڊ ۽ ڀان روڊ ٽو ڪورٽ جي نئين بلڊنگ ڏانهن ويندڙ رستا عارضي بند ڪيا ويا، سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت نئين ڪورٽ ٽو بلڊنگ جو افتتاح ڪيو، چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جي جوهي پهچڻ تي سيشن جج دادو، ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو، تعلقي بار ايسوسيئيشن جوهي جي وڪيلن شاندار استقبال ڪيو، چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪورٽ جي پارڪ جوهي ۾ ٻوٽو پوکيو ۽ ڪورٽ جو افتتاح ڪرڻ بعد تعلقي بار پهتو جتي چيف جسٽس کي بار جي صدر اياز رند طرفان سنڌ جي ثقافت بوسڪي جو پٽڪو اجرڪ تحفي ۾ ڏنو ۽ ٻين وڪيلن به جسٽس ۽ مهمانن کي سنڌي ٽوپي اجرڪ جا تحفا ڏنا بعد ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت تعلقي بار کي خطاب ڪندي بار جي نوجوانن کي ساراهيو ۽ تعلقي بار جوهي کي سولر سسٽم، اي سي لائبريري ۽ ڪورٽ لاءِ سولر ۽ اي لائبريري لاءِ ڪتاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسين قانوني رڪارڊ چيڪ ڪري بعد ۾ ايڊيشنل سيشن نئين ڪورٽ قائم ڪنداسين، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ظفر احمد راجپوت سيوھڻ جڊيشل ڪامپليڪس پھتو ته جج صاحبان ۽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سندن استقبال ڪيو، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ظفر احمد راجپوت آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جنهن ۾ قلندر لال شھباز ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻيا بزرگ آرامي آهن، قلندر جي نگري ۾ جيڪي ادرا يا عملدار آهن اھي پنهنجي ذھن ۾ رکن ته ھو ھن نگري ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪم ڪم ڪندا ته سندن ڪيريئر صاف سٿرو رھندو، ھن چيو ته معاشري ۾ امن ان صورت ۾ قائم ٿيندو جڏهن انصاف ٿيندو ۽ انصاف لاءِ صرف جج صاحبان نه پر وڪيلن جو به اھم ڪردار آهي جيڪي ڪيس جي مڪمل تياري سان جج صاحبن کي مطمئن ڪندا ته انصاف فراھم ٿيڻ وڌيڪ آسان ٿي پوندو، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ان موقعي تي سيوھڻ بار لاءِ اي لائبريري ۽ ڪتابن جو پڻ اعلان ڪيو، چيف جسٽس سيوھڻ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جي ڪورٽس ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ ويٽنگ روم ۽ واش روم ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو.