اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان گڊو ڪشمور لنڪ روڊ تي چوڪماڙي وٽ دل ڏکائيندڙ افسوس ناڪ حادثو پيش آيو، تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا چار ماڻھو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته چوڪ ماڙي وٽ گڊو ڪشمور لنڪ روڊ تي دل ڏوکائيندڙ ۽ افسوس ناڪ حادثو پيش آيو جتي تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ ھڪ خاندان جا چار ماڻھو موقعي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ صوبدار گرگيج، مسمات سڪيلڌي، مسمات ڪلثوم گرگيج ۽ معصوم وسيم گرگيج موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا ۽ حادثو ايترو شديد هو جو موٽرسائيڪل مڪمل طور تباهه ٿي وئي، اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايا جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ھڪ ئي خاندان جا چار لاش گھر پھچڻ تيقيامت برپا ٿي وئي، حادثي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي پھچايو واقعي بعد علائقي ۾ سخت ڏک جي لهر پکڙجي وئي، ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.