پيرو لاشاري ۾ پورهيت جي قاتل بااثر جي گرفتاري لاءِ ڪيلاش جو لاش رکي ڌرڻو

پيرولاشاري (رپورٽ: محمد ميراڻي) پيرولاشاري گذريل رات بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل پورهيت نوجوان ڪيلاش ڪمار ڪولهي جو قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران پاڪستان ڪولهي اتحاد جي اڳواڻي ۾ صبح کان مين حيدرآباد بدين روڊ پيرولاشاري اسٽاپ جي مين چوڪ تي نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان هزارن جي تعداد ۾ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، هزارين مسافر عورتون توڙي مرد سڄو ڏينهن پريشان ٿيندا رهيا، ڌرڻي ۾ اقليت برادري جي عورتن ۽ مردن سميت پيرولاشاري جي شهرين توڙي علائقي واسين شرڪت ڪري سڄو ڏينهن ڌرڻو جاري رکيو، 7 ڪلاڪن جو وقت گذرڻ کان پوءِ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ڌرڻي ۾ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي پورهيت نوجوان ڪيلاش ڪمار جي قاتل کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاتل ڪيترو به طاقتور ڇونه هجي  پر قانون کان بچي نٿو سگهي، جلد نوجوان جي قاتل کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏياري ويندي، جنهن بعد نوجوان جي وارثن ۽ اڳواڻن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته صبح کان شام تائين جاري رهندڙ ڌرڻي ۾ يا بي گناھ قتل ٿيل نوجوان جي گهر ڪو به چونڊيل نمائندو هن مهل تائين لڙي نه آيو آهي، ٻئي پاسي سينيٽر ڪرشنا ڪولهي قتل ٿيل نوجوان جي تڏي تي پهچي قاتل جلد گرفتار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيت نوجوان ڪيلاش ڪمار جي بي گناھ قتل جي خون سان انصاف ڪيو ويندو، ڪنهن به صورت ۾ نوجوان جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين، ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ پاڪستان ڪولهي اتحاد جي عهديدارن سيٺ لال چند ڪولهي، ڊاڪٽر پنهون ڪولهي، پهلاج ڪولهي، ڪامريڊ سوڍي ڪولهي، کيراج ڪولهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي بدين جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪندي ايس ايس پي بدين کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويو، اگر ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر نوجوان جو قاتل گرفتار نه ٿيو ته هزارن جي تعداد ۾ ڪولهي برادري جا ماڻهو گڏ ٿي ڊي سي چوڪ بدين تي دوباره احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو ڌرڻو جوابدار جي گرفتاري تائين جاري رکيو ويندو، جنهن جي زميدار بدين ضلعي انتظاميا هوندي، ٻي پاسي بي گناھ نوجوان جي قتل جي سوڳ ۾ پيرولاشاري شهر پڻ مڪمل طور بند رهيو.

  1. ميرپورخاص ۾ گهر ڊاهڻ ۽ لنگهه بند ڪرڻ خلاف سوين ماڻهن جو ٻيهر ڌرڻو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جي قتل کان پوءِ  هائوسنگ سوسائٽي ڀرسان ڳوٺ جا گھر حددخليون ڄاڻائي گهر ڊاهڻ، گس بند ڪرڻ خلاف ڳوٺ جي سوين عورتن ٻارن سميت سوين سياسي سماجي، مذهبي ۽ قوم پرست ڌرين جو هڪ ڀيرو ٻيهر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ وڪيل چوڌري شهزاد جٽ جي قتل بعد روينيو کاتي جي ڪامورن ۽ پوليس عملدارن پاران پوليس جي وڏن اٽالن سان نجي هائوسنگ سوسائٽي ڀرسان لاشاري ڳوٺ ۾ وڏين مشينن سان گڏ پهچي گھرن کي ڊاهڻ ۽ ڳوٺاڻن جا گس بند ڪرڻ خلاف ڳوٺ جون وڏي انگ عورتن ۽ ٻارن هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي ۽ شهر جي سول سوسائٽي ۽ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قوم پرست پارٽين جي سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، متاثرعورتن،  سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن شير محمد سولنگي، يوسف رند، واجد لغاري، جئي سنڌ قومي محاذ(بشير قريشي) جي اڳواڻ نورمحمد مري ۽ ٻين چيو ته زمين جي تڪرار تان نجي هائوسنگ سوسائٽي جو مالڪ وڪيل سجاد جٽ قتل ٿي ويو هو جنهن جو ڪيس سندس وارثن پاران جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪيل آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن اسين به قتل ٿي ويل شهزاد جٽ جي قاتلن جي گرفتاري چاهيون ٿا، مقتول جي وارثن سان همدردي  جو اظهار ڪيون ٿا پر واقعي جي آڙ ۾ پوليس گردي جا مخالف آهيون، واقعي جي ٻن ڏينهن بعد بااثرن جي چرچ تي روينيو کاتي جي ڪامورن ۽ پوليس ڪمداري ڪندي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي جيڪا ٽئين ڏينهن به  جاري آهي انتظاميا جي سرپرستي ۾ ڳوٺاڻن جا گس بند ڪيا  ويا آهن، بيگناھ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ڳوٺ ۾ ڪرفيو لڳل هجڻ واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، اڳواڻن چيو ته قتل جي واقعي بعد لاشاري ذات سڏرائڻ جرم بڻجي ويو آهي عورتن ۽ ٻارن جي فرياد تي کادي پيتي سميت ضروري سامان پهچائڻ ۽ پرگھور رهڻ لاءِ مختلف علائقن کان ايندڙ ماڻهن جا شناختي ڪارد چيڪ ڪري ۽ ذات پڇا ڪرڻ تي پنهنجي زات لاشاري ٻڌائيندڙن کي پوليس يا ته کنڀي وڃي ٿي يا وري کيس ِڊيڄاري ڌمڪائي واپس روانو ڪري ڇڏي ٿي، انتظاميا پاران چادر چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي، گھر جون عورتون، معصوم ٻار سخت سردي ۾ کلي آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن بااثرن جي اشارن تي پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي رکيو آهي مطالفن جي انتقام جو نشانون بڻيل عورتون ٻار سراپا احتجاج بڻيل آهن پر تڪ جا ايم اين اي ايم پي اي ۽ انتظاميا احتجاج ڪندڙن سان ڳالهائڻ ۽ سندن مسئلا ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين پاران ٺلا دلاسا ڏنا پيا وڃن پر ڳوٺاڻن کي سهولتون ۽ گس فراهم نه پيو ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺاڻن سان ٿيندڙ ناجائزين جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.