لاهور (م ڊ) ڀارتي عورت سربجيت ڪور، زيارت لاءِ ويزا تي پاڪستان آئي هئي، مقرر مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ ڀارت واپس موڪلي وئي. سربجيت ڪور 4 نومبر تي سک زائرين سان گڏ پاڪستان آئي هئي، پر 13 نومبر تي پنهنجي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ جي باوجود واپس نه وئي ۽ ان دوران هن ننڪانا صاحب جي رهواسي ناصر حسين سان شادي ڪئي. پنجاب جي اقليتي معاملن واري وزير رميش سنگهه اروڙا موجب، سربجيت ڪور ۽ ناصر حسين کي حراست ۾ ورتو ويو، بعد ۾ قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڀارتي عورت کي واپس موڪليو ويو. وڪيل علي چنگيزيءَ سنڌو تصديق ڪئي ته ملڪ بدري فارينرز ايڪٽ 1946 تحت سربجيت ڪور جي رضامندي سان ڪئي وئي هئي. سربجيت ڪور نومبر 2025 ۾ گرو نانڪ ديو جي 555 هين جنم ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان آئي هئي. پاڪستان ۾ رهڻ دوران، هن اسلام قبول ڪيو، پنهنجو نالو تبديل ڪري نور رکيو ۽ شادي ڪئي. ملڪ جي قانونن تحت ناصر حسين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.