لاهور (بيورو) لاهور جي رائيونڊ روڊ تي واقع هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي فاطما يونيورسٽي جي ڇت تان ٽپوڏئي ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال انتظاميا موجب فاطما کي دماغ ۾ ڌڪ لڳا آهن، هوش ۾ ناهي، هُن جي چيلهه جون ڪجهه هڏيون ۽ گوڏا متاثر ٿيا آهن، پوليس موجب 21 ورهين جي فاطما يونيورسٽي جي ٻي منزل تان هيٺ ٽپو ڏنو، يونيورسٽي اندر مليل موبائل ڪلپس ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گارڊ زخمي ٿيل شاگردياڻي کي وٺي وڃي رهيا آهن، پوليس موجب سي سي ٽي وي فٽيجن ذريعي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي. يونيورسٽي رجسٽرار علي اسلم موجب فاطما سيپٽمبر ۾ داخل ٿي هئي ۽ سندس سليبس مڪمل نه هو پر انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪو حتمي نتيجو نه ٿو ٻڌائي سگهجي، واقعو ان ئي يونيورسٽي ۾ پيش آيو، جتي تقريبن ٻه هفتا اڳ شاگرد محمد اويس پڻ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي.