ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سول اسپتال مان 3 مهينن جو ٻارڙو اغوا ٿي ويو، جنهن ۾ هڪ عورت ٻار کي اسپتال مان وٺي فرار ٿي وئي، عورت جوابدار پاران ٻار کي وٺي وڃڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز منظر عام تي اچي ويا، ٻار جي امڙ موجب 24 ڊسمبر تي ٻار بيمار هو ۽ هوءَ اسپتال ڏانهن وڃي رهي هئي، رستي ۾ ٻار کي فيڊر پيئاري رهي هئي، جڏهن هڪ واٽهڙو عورت ٻار جو مڪمل علاج ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، امڙ موجب موجب 25 ڊسمبر تي ٻئي اسپتال پهتاسين، جتي ٻار کي ڊرپ ۽ ٻيون طبي سهولتون ڏنيون ويون، ڊسچارج جو وقت آيو ته جوابدار عورت اوچتو ٻار وٺي فرار ٿي وئي، پوليس موجب واقعو عيد گاهه ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، سي سي ٽي وي فٽيجز ۾جوابدار عورت هڪ مرد سان گڏ ٻار کي وٺي وڃي رهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.