اها ڪيڏي نه افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته دنيا اندر ٽيڪنالاجيءَ ته ترقي ڪئي آهي پر دنيا مان جهنگ جو راڄ اڃان ختم ناهي ٿيو، آئين ۽ قانون جي اڃان بالادستي قائم ناهي ٿي جنهن جو تازو ترين ۽ ناقابل برداشت واقعو آمريڪا طرفان وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو کي سندس ملڪ مان اڌ رات جو جنگي ڪارروائي ڪري پهريون کنڀي اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس گرفتاري ظاهري ڪري سندس خلاف عدالت ۾ ڪيس هلايو ويو. ان واقعي جو ٻيو افسوس جوڳو پاسو صدر جي زال کي به سندس مڙس سان گڏ اغوا ڪرڻ آهي جنهن خلاف سڄي دنيا ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن ۽ ڪافي ملڪن جي سربراهن مذمت به ڪئي آهي. ٻيو ته ڇڏيو خود آمريڪا ۾ ان واقعي خلاف عوامي مظاهرا ڪيا ويا آهن. آمريڪا جي نئين چونڊيل ميئر ظهران ممدانيءَ به سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هڪ طرفي طور ڪنهن خود مختيار ملڪ تي حملو جنگي قدم آهي ۽ وفاقي توڙي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اهڙن قدمن سان خود آمريڪا جي شهرين جو دنيا جي ملڪن اندر رهڻ خطري کان خالي نه هوندو. گڏيل قومن جي اداري به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي عمل خطي تي خراب اثر وجهندو ۽ خطرناڪ مثال قائم ڪري ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانون جو احترام نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي. هوڏانهن وينزويلا جي نائب صدر ڊيلسي روڊ ريگز مزاحمتي بيان ڏيندي چيو آهي ته وينزويلا ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن ملڪ جي ڪالوني نه بڻجندو. وينزويلا پنهنجي خود مختياري، قومي سلامتي ۽ قدرتي وسيلن جي مڪمل دفاع لاءِ پرعزم آهي.
سو آمريڪا جي ان مجرماڻي ڪارروائي تي سڄي دنيا اندر ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي آمريڪي ڪارروائي جي سخت مذمت ۽ مخالفت ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي آمريڪي حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي دعويٰ ڪري رهي آهي ته وينزويلا ته شروعات آهي، هاڻي ايران جو وارو آهي. هڪ وي لاگر انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان لاڳاپيل اهم شخصيتون ايران جو ذڪر ڪندي بلوچستان جو به حوالو ڏئي رهيون آهن جيڪو پاڪستان لاءِ پڻ ڳڻتي جو سبب آهي. مطلب ته ايران کي اندروني طور ڪمزور ڪرڻ سان ان جو پاڪستان تي به اثر پوندو. مطلب ته هي خطو نئين سال 2026 ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي.
اسان جو ان حوالي سان اهو خيال آهي ته آمريڪا جي اهڙين هڪ طرفين ۽ طاقت جي زور تي ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ سڄي دنيا کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ آمريڪا جي غير جمهوري ۽ غير آئيني پاليسي کي اڪيلو ڪرڻو پوندو. ڪنهن به ته طاقتور ملڪ کي آئين، قانون ۽ اخلاقي روايتن کان مٿانهون ٿيڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ٻي دنيا ته ڇڏيو پر خود آمريڪا جي عوام ۽ اپوزيشن کي ان صورتحال تي اسٽينڊ وٺڻو پوندو. اهو مثال ۽ اها روايت هونئن ته ازل کان هلندڙ آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو، جهنگ جو قانون به هر دور ۾ موجود رهيو آهي پر سوال اهو آهي ته آخر ان کي ڪيئن روڪجي. جيڪڏهن ملڪن جون حڪومتون ۽ انهن جا سربراهه ئي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا ته هيءَ دنيا ڪيئن هلندي. آمريڪا کي اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي ته اهو دنيا اندر جنگي ڪارروايون ۽ مداخلتون ڪندو وتندو ته پوءِ اهو به محفوظ نه رهندو ۽ جيڪڏهن سڄي دنيا هڪ آمريڪا خلاف متحد ٿي بيٺي ۽ آمريڪا کي اڪيلو ڪري ان خلاف جنگ جوٽي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ان سان ايٽمي جنگ جو خطرو ناهي ۽ جيڪڏهن ايٽمي جنگ ڇڙي وئي ته پوءِ دنيا ئي نيست ۽ نابود ٿي ويندي. سو اهڙي اڳڀرائي کي روڪڻ جو نئين سري سان انتظام ڪرڻو پوندو، اهڙي انتظام ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
سو اها صورتحال آمريڪا لاءِ به ڳڻتي جوڳي آهي. ان کي پنهنجن مفادن لاءِ ايترو به اڳتي نه وڌڻ گهرجي جو ان سان آمريڪا جي سلامتي کي خطرو ٿئي. آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ کي ان پاسي سنجيدگي مان سوچڻ گهرجي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته آمريڪا جيئن ته دنيا جو طاقتور ملڪ سمجهيو وڃي ٿو سو صرف ”طاقت“ ۾ نه پر پنهنجي اخلاقي ڪردار سان دنيا جي باقي ملڪن لاءِ وڏو ڀاءُ ڇپر ڇانوَ ۽ ڀرجهلي وارو ڪردار ادا ڪري ۽ سڄي دنيا کي امن جو ڳڙهه بڻائي ۽ پنهنجي بااخلاق ڪردار سان دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ هر دلعزيز ملڪ هئڻ جو رتبو حال ڪري. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر دور ۾ طاقت ور ڌر طاقت جي نشي ۾ رهي ڪري ان وڻ جي ٽاريءَ کي ڪپيندي رهي آهي جنهن تي اها پاڻ به ويٺل هوندي آهي.
دنيا طاقت جي نشي جا انتهائي قيامت خيز تباهي جا خوفناڪ مثال به ڏسي چڪي آهي پر افسوس ته ان تاريخ مان سکڻ ۽ عبرت ماڻڻ جا گهٽ ئي مثال ملن ٿا. تنهن ڪري پنهنجو چوڻ اهو آهي ته دنيا ٽيڪنالاجي ۽ انفارمينشن ۾ ته مثالي ترقي ڪئي آهي، دنيا کي جديد ٽيڪنالاجيءَ هڪ ننڍڙو ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي پل پل جي واقعن جي پروڙ پوي ٿي پر گڏوگڏ ان اسان جون ڪيترن ئي حوالن سان اکيون به پٽي ڇڏيون آهن. ڪيترن ئي خوشفهمين ۽ غلط فهمين مان به پاڻ کي ڪڍي ڇڏيو آهي. ماضيءَ ۾ اسان جهڙا ترقي پذير ملڪ هميشه ترقي يافته ملڪن ۽ حڪومتن جا مثال ڏيندا هيا ته دنيا الائي ڪٿي پهتي آهي پر هاڻي جڏهن جديد ٽيڪنالاجيءَ سڄي دنيا کي عالمي وليج بڻائي ڇڏيو آهي ته خبر پوي ٿي ته اڄ به جهنگ جو قانون لاڳو آهي، ڪا به دنيا جي طاقت آئين ۽ قانون جي تابع ناهي. آمريڪا اڄ به دنيا جو وڏيرو آهي جيڪو طاقت جي زور تي ڪنهن به ملڪ تي چڙهائي ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن به ملڪ جي سربراهه کي کنڀي گم به ڪري سگهي ٿو ۽ اغوا به ڪري سگهي ٿو ۽ اڄ به عالمي قانون، جمهوريت ۽ اخلاق، جهنگ جي قانون کي ختم ناهي ڪري سگهيو.
سو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آئين ۽ قانون کي صرف غريبن تائين محدود نه بڻائجي پر ان کي ايڏو مضبوط بڻائجي جو اهو ڪنهن ”طاقت“ کي به سوگهو ڪري سگهي.