لکي غلام شاھ / شڪارپور (رپورٽ: نديم جان مهر/ زاهد سنجراڻي) شڪارپور ڀرسان جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن جو جرڳو ڪري اهلڪارن مٿان مجموعي طور تي ٽي ڪروڙ ٽي لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي، شڪارپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ امجد علي لھر جو رستم ويجھو ڳوٺ فريد جتوئي ۾ جرڳو ٿيو، جرڳو امين احمد بليدي جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ڊسمس فرام سروس ڪيل 12 پوليس اھلڪارن ۽ عملدارن سميت شڪارپور پوليس جي 18 اھلڪارن تي ٽي ڪروڙ ٽي لک رپيا چٽي مقرر ڪئي وئي آھي، جرڳي ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ مارجي غلام مرتضيٰ جتوئي جي والد گلزار گھراڻي پاران ڳالھيون ڪيون ويون، جڏھن ته ون فائيو شڪارپور پوليس چوڪي جي اڳوڻيانچارج جادل جتوئي جي ڀاءُ پاران ڳالھيون ڪيون ويون، ٻنھي ڌرين جي ڳالھهٻڌڻ بعد فتوي جاري ڪئي وئي، فتويٰ ۾ اھيو به چيو ويو ته ڄاڻايل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جنھن بعد پوليس جي اڳوڻن اھلڪارن پاران ھڪ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، ياد رهي ته شڪارپور پوليس پاران پھرين جون 2025 تي شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي ۾ ڳوٺ غلام فريد جتوئي واسي نوجوان مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ساٿي امجد علي لھر کي مبينا مقابلي م مارڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي، جنھن بعد عدالتي حڪم تي معاملي جي آءِ جي سنڌ جاچ ڪرائي پوليس جو مقابلو جڙتو ثابت ڪيو ھو ۽ 12 اھلڪار ڊسمس فرام سروس به ڪيا ويا ھئا، جنھن بعد راڄوڻي وسيلي جرڳو ڪيو ويو آھي.