ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 9 هزار 200 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 64 هزار 762 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 7888 رپيا واڌ سان 3 لک 98 هزار 458 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 92 ڊالر واڌ سان 4424 ڊالر في اونس آهي.
You might also like