عالمي برادري ڪشمير تي ڀارت جي جابراڻي قدمن جو خاتمو آڻي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 5 جنوري تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۾ ڪشميري عوام جي حق خود اراديت کي تسليم ڪيو ويو.
ڪشمير جي حق خود اردايت جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 5 جنوري 1949 ۾ يو اين ڪميشن تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ طئي ٿيو ته ڄمون ۽ ڪشمير رياست جي مستقبل جو فيصلو آزاداڻي ۽ غير جانبدار راءِ شماري سان ٿيندو، افسوس ته ڀارت جي ڄمون ۽ ڪشمير تي غير قانوني قبضي سبب اهو عهدو پورو نه ٿي سگهيو.
هن چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو شڪار آهي پر ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جا حوصلا ناهي گهٽائي سگهيو، عالمي برادري ڀارت جي جابراڻي قدمن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.