واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن وينزويلا درست رويو اختيار نه ڪيو ته آمريڪا ٻيو حملو به ڪندو.
ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي وينزويلا ۾ تيل ۽ ٻين وسيلن تائين مڪمل پهچ حاصل هجن گهرجي، وينزويلا درست رويو اختيار نه ڪيو آهي ته آمريڪا ٻيو حملو به ڪندو.
هن وينزويلا ۾ اقتدار سنڀاليندڙ نائب صدر ڊيلسي روڊريگز کي به ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن هن درست ڪم نه ڪيو ته کيس مادورو کان وڌيڪ ڳري قيمت چڪائڻي پوندي.
You might also like