لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت جي علائقي ناورخيل موڙ ڀرسان دهشتگردن نجي فيڪٽري جي بس تي حملو ڪري ڏنو.
پوليس موجب دهشتگردن نجي سيمينٽ فيڪٽري جي گاڏي کي اي آءِ ڊي ڌماڪي سان نشانو بڻايو، حملي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿيا.
پوليس ٻڌايو ته زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ ۽ سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي.
You might also like