منهنجي ايڪشن تي اعتراض واريندڙ پهريان ڪرڪيٽ کي سمجهن: عثمان طارق
ابوظهبي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر عثمان طارق پنهنجي بالنگ ايڪشن تي اعتراض ڪندڙن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو.
ابوظهبي ۾ ٿيل انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ عثمان طارق ڊيزرٽ وائپرز ٽيم جو حصو هو، جتي هن ٽيم کي پهريون ڀيرو چيمپيئن بڻائڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو.
فائنل کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي بالنگ ايڪشن جو دفاع ڪندي عثمان طارق چيو ته سندس ايڪشن 15 ڊگري جي مقرر حدن اندر آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن به ڪنهن اسپنر تي ”چڪنگ“ يا بال ”ٿرو“ ڪرڻ جا الزام لڳندا آهن ته هو ليب ۾ وڃي پنهنجي ايڪشن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ٻانهن جي صحيح رخ تي ڪم ڪندو آهي.
هن چيو ته مان به اهڙن الزامن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻه سرڪاري ٽيسٽ ڪرائي چڪو آهيان، ٻئي ڀيرا منهنجو ايڪشن ڪليئر ٿيو ۽ ٻين جي ابتڙ مون کي ڪجهه به تبديل ڪرڻو نه پيو، ڇو ته مون کي اڳ ئي پڪ هئي ته مان بال ”ٿرو“ نٿو ڪريان.
عثمان طارق تنقيد ڪندڙن کي صلاح ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان کي ڪرڪيٽ جي سمجهه ناهي ته بهتر آهي ته پهرين راند کي سمجهو ۽ پوءِ ان تي راءِ ڏيو.
” پهريان ڪرڪيٽ کي سمجهو پوءِ راءِ ڏيو“، عثمان طارق جي ايڪشن تي اعتراض واريندڙن کي صلاح
You might also like