ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪندي شهر کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو، ٻه هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ تيار بارودي مواد قبضي ۾ وٺي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سيڪيورٽي ادارن ڪراچي جي علائقي بلديا رئيس ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪندي ٻه هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ بارودي مواد قبضي ۾ وٺي هڪ دهشتگرد کي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو ۽ ان جي نشاندهي تي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڌماڪيدار مواد افغانستان مان بلوچستان ۽ پوءِ ڪراچي آندو ويو، دهشتگردن ڪراچي کان 35 کان 40 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي گهر مسواڙ تي ورتو هو، سيڪيورٽي ادارن وقت سر ڪارروائي ڪندي 30 کان وڌيڪ پلاسٽڪ ڊرمز مان بارودي مواد ۽ 5 ڌاتي گيس سلينڊر برآمد ڪيا، ڊرمن ۾ ڪمرشل ايڪسپلوسيو ۽ مڪس بارودي مواد شامل هو، اهو مواد مڪمل طور تيار هو.
هن ٻڌايو ته ان دهشتگردي جي منصوبي ۾ ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي جي دهشتگردن جو هٿ آهي، اهو منصوبو ٻاهرئين ملڪ جوڙيو ويو، جن جي سهولتڪارن ۽ هينڊلرز جي نشاندهي ٿي وئي آهي ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته پڪڙيل دهشتگردن جي سڃاڻپ جليل عرف فريد، نياز عرف ڪنگ ۽ حمدان عرف فريد جي نالن سان ٿي آهي.
ڪراچي وڏي تباهيءَ کان بچي ويو، افغانستان مان آندل ٻه هزار ڪلو کان وڌيڪ بارودي مواد برآمد، 3 دهشتگرد گرفتار
You might also like