” هي باب هاڻي بند ٿي چڪو آهي“، ٽينس ليجنڊ نواڪ جوڪووچ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

جڳ مشهور ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ پروفيشنل ٽينس پليئرز ايسوسيئيشن کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
نواڪ جوڪووچ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته احتياط سان غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ مون پروفيشنل ٽينس پليئرز ايسوسيئيشن کان مڪمل طور ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهو فيصلو شفافيت، گورننس ۽ ان ڳالهه بابت خدشن سبب ڪيو ويو آهي ته سندس آواز ۽ تصوير کي ڪهڙي نموني پيش ڪيو پئي ويو.
جوڪووچ وڌيڪ چيو ته هاڻي سندس ڌيان پنهنجي ٽينس فيملي ۽ راند ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تي کتل رهندو، رانديگرن لاءِ منهنجون نيڪ خواهشون هميشه رهنديون، پر منهنجي طرفان هي باب هاڻي بند ٿي چڪو آهي.
ياد رهي ته 24 گرينڊ سلم ٽائيٽلز کٽيندڙ نواڪ جوڪووچ پروفيشنل ٽينس پليئرز ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن ۾ شامل هو. هن ايسوسيئيشن جو مقصد انفرادي رانديگرن کي آزاداڻي طور ڪانٽريڪٽرز، هڪ اثرائتي پليٽ فارم ذريعي پنهنجي آواز پهچائڻ هو.
ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان رانديگرن جي ڀلائي ، ميچ شيڊيولنگ ۽ ٻين پيشيوراڻن معاملن تي آواز اٿاريو ويندو آهي، جڏهن پليٽ فارم ذريعي مردن ۽ عورتن جي ٽورز، انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن ۽ اسپورٽس انٽيگريٽي ايجنسي خلاف قانوني ڪارروائي به ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.