لاڙڪاڻو (ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان قتل. ان ڏس ۾ ڪالهھ لاڙڪاڻي جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيربخش جتوئي ۾ جتوئي ذات جي ٻن ڌرين ۾ مبينا طور جهيڙو ٿي پيو، جتي نتيجي ۾ گوليون لڳڻن سبب 17 سالن جو نوجوان عبدالغفار پٽ عبدالستار جتوئي ۽ سندس سئوٽ محمد عيسيٰ پٽ عبدالقيوم جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سندن وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر آندو ويو، جتي نوجوان عبدالغفار جتوئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ اسان جي برادري جي ماڻهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران عبدالغفار ۽ محمد عيسيٰ وچ ۾ پئي ڌرين کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب اهڙو واقعو پيش آيو. هوڏانهن مقتول نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو.