حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ روينيو کاتي ۾ گورننس جي کوٽ ۽ نااهلي سبب ننڍن آبادگارن لاءِ وڌندڙ مسئلن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته زمين جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جلد کان جلد مڪمل ڪري مختلف مرحلن ۾ روينيو جي عملي جو ڪردار گهٽايو وڃي. آبادگارن سنڌ ۾ سورج مکي جي في ايڪڙ پيداوار ۾ گهٽتائي جي پڻ نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس حيدرآباد ۾ صدر محمود نواز شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيد نديم شاهه، محمد ملوڪ نظاماڻي، محمد اسلم مري، طاهاميمڻ، يار محمد لغاري، خالد احمد نظاماڻي، مصطفيٰ نواز شاهه، شاهنواز برماڻي، مراد علي شاهه بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته زمين جي رڪارڊ کي سنڀالڻ بورڊ آف روينيو جي ذميواري آهي. ان ڪري زراعت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي پر کاتي ۾ نااهلي ۽ گورننس جي کوٽ سبب زراعت تي ان جا ويتر خراب اثر پئجي رهيا آهن. آبادگارن کي زمين جي کاتن جي تبديلي، زرعي قرضن ۽ زمين جي رڪارڊ سان لاڳاپيل مختلف معاملن ۾ مختلف قسمن جي ڏکيائين، رڪاوٽن ۽ ڊگهي طريقي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن سان خاص طور تي ننڍا ۽ وچولي درجي جا آبادگار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. زرعي قرض وٺڻ لاءِ روينيو کاتي مان کسرا وارو دستاويز جنهن سان زمين جي مالڪ ۽ پوکيل فصل جو پتو پوي ٿو. ان سميت زمين جا مختلف تصديق ٿيل دستاويز حاصل ڪرڻ ايترو ته ڏکيو آهي. جو نه رڳو آبادگارن لاءِ پر بينڪن لاءِ به اهو هڪ پريشان ڪندڙ عمل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي شعبي لاءِ قرضن ۾ سنڌ جو حصو جيڪو 18 سيڪڙو آهي. جڏهن ته قومي زراعت ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. اهو پوري ريت حاصل نه پيو ٿي سگهي. ان جو وڏو سبب روينيو کاتي ۾ نااهلي ۽ ڪرپشن آهي. جنهن ڪري ننڍا آبادگار بينڪن جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ روينيو جي ڊگهن ۽ ڏکين مرحلن ۾ پوڻ بدران ٻين ماڻهن يا ادارن کان وڌيڪ وياج تي قرض حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ تي مجبور آهن. ان کان علاوه آبادگارن کي پنهنجي زمين جي وڪري جي معاملن ۾ پڻ سيل سرٽيفڪيٽ وٺڻ سميت مختلف معاملن ۾ وڏين ڏکيائين سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيتوڻيڪ سنڌ ئي اهو صوبو آهي. جتي زمين جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن سڀ کان پهرين شروع ڪئي وئي هئي پر ان باوجود اهو ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ٻين صوبن نه رڳو ڪمپيوٽرائيزيشن مڪمل ڪري ورتي آهي پر انهن روينيو جي ان ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم کي بينڪن سان ملائي ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ پيپلز سروس سينٽر ۽ موبائل ايپليڪيشنز پڻ جاري ته ڪيون ويون آهن پر اڃان تائين اهو ان جي روح موجب ڪارائتيون نه ٿي سگهيون آهن، ڪو به ڪم بورڊ آف روينيو جي عملي سان رابطي بنا نه پيو ٿي سگهي ۽ اهو ئي مرحلو آهي. جتي نااهلي ۽ ڪرپشن جي معاملن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زمين جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي. ڪمپيوٽرائيزڊ زمين جو رڪارڊ قانوني طور تي پوري ريت قبول ڪرڻ جوڳو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان جي وڌيڪ تصديق جي ضرورت نه ٿئي. زمين جي رڪارڊ جا ٻيا دستاويز جهڙوڪ سيل سرٽيفڪيٽ ۽کسرا وغيره پڻ سادي درخواست ذريعي يا ويب سائيٽ ذريعي آن لائن ڪيا وڃن ڇو ته في الحال ڪن علائقن ۾اهي سروسز درخواست تي حاصل نه پيون ٿي سگهن. بورڊ آف روينيو جي عملي سان رابطي کي ممڪن حد تائين گهٽائڻ لاءِ اپاءِ ورتا وڃن. اجلاس ۾ آبادگارن آگاهه ڪيو ته سوج مکي جي في ايڪڙ پيداوار ۾ گهٽتائي، پيداواري خرچن ۾ واڌ ۽ اگهن ۾ لاٿ سبب هاڻ سورج مکي جي پوک پڻ گهٽجي رهي آهي ۽ آبادگار ان بدران ٻيا فصل پوکڻ کي ترجيح ڏيڻ تي مجبور آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي ته کاڄرو تيل جي درآمد 10 سالن ۾ 75 سيڪڙو کان وڌي 84 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ آبادگارن ربيع جي فصلن لاءِ پاڻي جي گهرج تازي وسيل مينهن مان پوري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان مينهن جا فصلن تي چڱا اثر پوڻ جو امڪان آهي.