سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ٻارنهن ڏينھن اڳ مبينا طور لاپتا ٿي ويل يارھين ڪلاس جي شاگرد راھول جنڊاھوڙو جو لاش سرھاڙي ٿاڻي جي حد لنڊو شاخ مان ڳريل حالت ۾ مليو، مقامي ماڻھن جي اطلاع تي سرھاڙي پوليس لاش شاخ مان ڪڍرائي شهدادپور اسپتال آندو جتي لاش جي سڃاڻپ سندس پيءُ ٻيچل جنڊاھوڙو ڪئي، جڏهن ته اھڙي اطلاع بعد سنڌ عوامي سٿ جو مرڪزي صدر نورالله مھر ڊٻائي، ڊاڪٽر صدورو ناز ڪيريو ۽ فوتي جا وارث شهدادپور اسپتال پھتا جتي سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي صدر نورالله مھر ڊٻائي جو چوڻ هو ته شاگرد راھول جنڊاھوڙو جي گمشدگي کانپوءِ سندس وارث مسلسل سراپا احتجاج رھيا پر سڪرنڊ پوليس ٻارنهن ڏينھن تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي اڄوڪي ڪيل احتجاج بعد مختلف ماڻھن پاران راھول جنڊاھوڙو جو لاش ھٿ اچڻ جو اطلاع مليو، سڪرنڊ پوليس بروقت ڪوشش ڪري ھا ته شايد راھول جيئرو ملي ها.