ڪورنگي ۾ عورتن سوڌو 5 ڄڻا سيوريج جي سُڪل نالي ۾ ڪري زخمي، سرڪار نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ سيوريج جي ڪيترائي فُٽ گهري سُڪي ويل کوهه جي ڇت ٽٽڻ سبب ٻن عورتن  ۽ ٻن ننڍڙن ٻار سوڌو پنج ماڻهو کوهه ۾ ڪري پيا، حادثي کان پوءِ علائقي واسين ۽ ريسڪيو ٽيمن زخمين کي ٻاهر ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي هڪ سخت زخمي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي بابت رپورٽ موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حدن ۾ ڪورنگي مهراڻ ٽائون سيڪٽرڇهه آءِ هزار چوڪ ڀرسان واقع مدرسته المدينه فيضان ڪنزالايمان وٽ سيوريج جو سڪي ويل کوهه موجود هو، جنهن جي ڇت اوچتو ٽٽي پئي، ڇت ٽٽڻ سبب ٻه عورتون ۽ ٻه ننڍڙا ٻار سميت پنج ماڻهو کوهه ۾ ڪري پيا، حادثي جي اطلاع ملندي ئي علائقي جي رهواسين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي پاڻمرادو امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون. ان دوران ريسڪيو 1122، ايدهي فائونڊيشن ۽ پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو، ريسڪيو عملو ۽ ايدهي فائونڊيشن علائقي واسين جي مدد سان گهڻي دير جي ڪوششن بعد زخمين کي کوهه مان ٻاهر ڪڍي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو، سيوريج جي سڪي ويل کوهه ۾ ڪري زخمي ٿيندڙن ۾ 40 ورهين جي دلشاد زال شوڪت، 55 ورهين جي شميم، 60 ورهين جو اعظم خان ۽ ٻه ننڍڙا ٻار 15 ورهين جي مريم خان ۽ 12 ورهين جو عثمان شامل آهن، اسپتال ذريعن موجب هڪ عورت جي حالت نازڪ آهي. ريسڪيو 1122 جي انچارج علي رضا ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو ويجهو ٿيندڙ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا، وڏي گاڏي جي وزن سبب سيوريج جي سڪي ويل کوهه جي ڇت ٽٽي پئي ۽ گاڏي مان لهندي ئي سڀ ماڻهو کوهه ۾ ڪري پيا،علائقي واسين ٻڌايو ته زخمي اعظم خان ڪوهاٽي جي پٽ جي شادي هئي ۽ ڄاڃي شادي هال وڃي رهيا هئا، ڄاڃين کي کڻڻ لاءِ وڏي گاڏي آئي، جنهن جي وزن سان کوهه جي ڇت ٽٽي ۽ بس مان لهندڙ ٻه عورتون ۽ ٻه ٻار کوهه ۾ ڪري پيا، سڪي ويل کوهه جي کوٽائي لڳ ڀڳ 60 کان 70 فٽ هئي، کوهه ۾ ڪري ويل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ اعظم پاڻ به کوهه ۾ ٽپو ڏنو، جنهن سبب هو پڻ زخمي ٿي پيو، پنج ئي زخمين کي علائقي واسين جي مدد سان اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي ايس ايڇ او موجب علائقي ۾ گٽر لائين وڇائڻ کان اڳ مدرسي جي انتظاميا طرفان سيوريج جو کوهه کوٽيو ويو هو، جڏهن علائقي ۾ سيوريج لائين وڌي وئي ته کوهه کي بند ڪيو ويو هو، پر وقت گذرڻ سان ان جي ڇت ڪمزور ٿي وئي ۽ حادثو پيش آيو، ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير جي بحاليءَ بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي ڪورنگي مهران ٽائون ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي فوري نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انساني جانين جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ خاندان شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ بس ۾ سوار ٿيڻ وڃي رهيو هو، صوبائي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي ريسڪيو 1122، شهري انتظاميا ۽ سمورن امدادي ادارن جي وقت تي ڪارروائي، بهتر رابطي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.