لڪي مروت ۽ بنون ۾ دهشت گرد حملا، 4 پوليس اهلڪار شهيد

لڪي مروت (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سبب ٽريفڪ پوليس جا ٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، واقعي بابت ضلعي پوليس آفيسر جي ترجمان قدرت الله ٻڌايو ته ٽئي ٽريفڪ پوليس اهلڪار دل بيگو خيل ڀرسان ڊيوٽي تي موجود هئا، جڏهن موٽر سائيڪل تي سوار دهشت گردن اوچتو انهن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، ترجمان موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽيئي پوليس اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙن ۾ ٽڪٽنگ آفيسر انچارج جلال خان شامل آهي، جڏهن ته ٻين ٻن اهلڪارن جي سڃاڻپ عزيز الله ۽ عبدالله جي نالن سان ٿي آهي، شهيد اهلڪارن جا لاش نورنگ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي پوليس سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ضلعي بنون جي علائقي ڪشفي خيل ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو. بنون جي ڊي پي او جي ترجمان آصف حسن ٻڌايو ته شهيد ڪانسٽيبل رشيد خان صبح جي وقت گهران ڊيوٽي لاءِ نڪري رهيو هو، جڏهن موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، واقعي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، علائقي کي گهيري ۾ وٺي شواهد گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته حملي آورن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.