ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بفرزون ۾ گهر اندر ڦر جي واردات دوران پوليس سان مقابلي ۾ ٽي ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، واقعو صبح جي وقتٽيموريا ٿاڻي جي حدن ۾ بفرزون سيڪٽر 15 اي ون ۾ پيش آيو، چار هٿياربند گهر نمبر 609 ۾ گهڙي آيا، جتي هنن گهر وارن کي يرغمال بڻائي ڦر جي واردات ڪئي ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، واقعي جي بروقت اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهتي، جنهن کي ڏسي هٿياربندن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا. ڪجهه فاصلي تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻيهر فائرنگ ڏي وٺ ٿي جنهن دوران وڌيڪ ٻه ٻيا ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته چوٿين ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب گرفتار ٿيل زخمي ڏوهاري جي قبضي مان هٿيار، ڦر ڪيل روڪ رقم، سون جا زيور، موبائل فون، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل ڏوهارين جا لاش ۽ زخمي ڌاڙيل کي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن گهر ۾ ڦر جي واردات ٿي، ان گهر جي رهواسين ٻڌايو ته مرڪزي دروازو کليل هجڻ سبب ڏوهاري آساني سان اندر داخل ٿي ويا ۽ لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ تائين گهر ۾ ڦرلٽ ڪندا رهيا، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاڙيلن ٻه اڍائي کان ٽي لک رپيا نقدي، لکين رپين ماليت جا سون جا زيور، موبائل فون ۽ اهم دستاويز ڦري ورتا، رهواسين گهر جي سامهون هڪ عمارت تعمير هيٺ هئي، جتي ڪم ڪندڙ هڪ پورهيت ڏوهارين کي گهر ۾ گهڙندي ۽ هڪ ڌاڙيل کي ٻاهر پهرو ڏيندي ڏٺو، جنهن بعد ان مزدور مددگار 15 تي پوليس کي اطلاع ڏنو، ٽيموريا ٿاڻي جي ايس ايچ او شاهد بلوچ ۽ ڊي ايس پي علي حسن ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ قيوم ولد محبوب طور ٿي آهي، جڏهن ته هن پنهنجي هڪ ساٿي جو نالو ياسر ٻڌايو آهي. ٻن مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ فوري طور ممڪن نه ٿي سگهي، جنهن لاءِ فنگر پرنٽس جي مدد ورتي پئي وڃي، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس جي شاندار ڪارڪردگي تي ڊي آءِ جي اولهه ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سندن ٽيم کي شاباش ڏني آهي. هن چيو ته اهڙين پوليس ڪارروائين سان ڏوهاري عنصرن جا حوصلا خطا ٿي رهيا آهن.