آمريڪي ڊالر جو زوال،لاطيني آمريڪا ۾ سخت مزاحمت جو امڪان؟

اسلام آباد(حماد حسن) وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي، جن کي ڪالهه آمريڪي فوجن سندن گهر مان، زال سميت اغوا ڪري ورتو. آمريڪا طرفان منشيات جي اسمگلنگ الزام لڳايو ويو,آمريڪا ۾ منشيات سڀ کان وڌيڪ ميڪسيڪو مان اچي ٿي، جيڪو آمريڪا جو سڌو پاڙيسري آهي,ميڪسيڪو سان آمريڪا ڀت به ٺاهي، بارڊر بند ڪيو,جڏهن ته وينزويلا منشيات پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ ئي ناهي يعني الزامرڳو بهانو هو.نڪولس مادورو جو  هڪ غريب خاندان سان تعلق آهي،شروعات ۾ بس ڊرائيور هوپوءِ ٽريڊ يونين ليڊر بڻيواڳوڻي صدر هيگو شاويز جي پارٽي ۾ شامل ٿيو،سال 2000 ۾ پهريون ڀيرو اسيمبلي ميمبر بڻيو،2013 ۾ صدر چونڊيو ويو وينزويلا جي اپوزيشن ليڊرماريا ڪورڊينا ماچادوجو لاڙوآمريڪا ۽ مغربي ملڪن ڏانهن تمام گهڻو آهي چيو وڃي ٿو ته آمريڪا ۽ يورپ کيس ايندڙ صدر طور اڳتي آڻڻ چاهين ٿا پرصدر جي اغوا کان پوءِ وينزويلا ۾ زبردست مزاحمت اڀري آهي جيڪڏهن هوءَ صدر بڻجي به ٿي، ته کيس سخت عوامي مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندولاطيني آمريڪي ملڪن جي آمريڪا خلاف بيهڻ جي  تاريخ رهي آهي،ان جو مثال چي گويرا فيڊل ڪاسترو.هوگو شاويز آهن انهن قومن ۾  آمريڪا خلاف فطري نفرت ۽ جرئت موجود آهي،مزاحمت هميشه ٿيندي رهي آهي اصل مسئلو تيل ۽ ڊالر جو آهي،سال 1974 ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر سعودي عرب ويومعاهدو ٿيو ته تيل صرف ڊالر ۾ وڪرو ٿيندوبدلي ۾ آمريڪا سعودي بادشاهت کي تحفظ ڏيندووينزويلا وٽ دنيا جا سڀ کان وڏا تيل جا ذخيرا 303ارب بيرل،سعودي عرب ٻئي نمبر تي (267 ارب بيرل)ايران ٽئين نمبر تي آهي وينزويلا اعلان ڪيو هو ته اسان تيل ڊالر ۾ نه وڪرو ڪنداسين،تيل يورو، روبل ۽ يوان ۾ وڪرو ڪيو ويندوساڳئي وقت چين جو وفد مادورو سان ملاقات ڪري رهيو هو،چين وينزويلا جو سڀ کان وڏو خريدار آهي جيڪڏهن  وينزويلا جهڙو ملڪ ڊالر ڇڏي ڏئي ته آمريڪي معيشت کي سخت ڌڪ لڳندو،آمريڪا چين کي روڪي نٿو سگهي ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا – چين ٽڪراءُ وڌندولاطيني آمريڪا ۾ آمريڪا کي عوامي ۽ سفارتي سطح تي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 05 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.