ڪراچي (رپورٽر ) آمريڪا طرفان وينزويلا مٿان جنگي حملي ۽ ان جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهر واري کي اغوا ڪري آمريڪا کڻي وڃڻ خلاف ڪراچي جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ناصر منصور، عبدالخالقجوڻيجو ،ڪامريڊ زهره،اقبال ابڙو، ڪامريڊ گل رحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي آمريڪا جي صدر ٽرمپ جي پتلي کي باهه ڏئي وئي. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، هوم بيسڊ ويمن ورڪرز فيڊريشن پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن جي سهڪار هيٺ وينزويلا خلاف جاري آمريڪي سامراجي هٿياربند جارحيت جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري ۾ وينزويلا جي عوام جي سامراج دشمن جدوجهد سان يڪجهتي ۽ آمريڪي جنگي جنون جي سخت مذمت ڪئي وئي۔ شرڪت ڪندڙن وٽ وينزويلا جا جھنڊا، انقلابي اڳواڻ هوگو شاویز ۽ اغوا ٿيل صدر نڪولس مادورو جون تصويرون هيون۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وينزويلا مٿان جنگي حملو ڪرڻ ۽ ان جي صدر ۽ سندس گهر واري کي اغوا ڪرڻ واري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آمريڪا جي صدر ٽرمپ جي خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي، وينزويلا جي صدر مادورو ۽ سندس زال سيليا فلورس کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، پاڪستان حڪومت طرفان ٽرمپ جهڙي جنگي جنوني کي نوبل امن انعام ڏيڻ لاءِ تجويز ڪرڻ تي دنيا جي مظلوم عوام کان معافي ورتي وڃي ۽ سموري دنيا جون امن پسند ۽ جمهوري قوتون سامراج جي بربريت خلاف مقابلو ڪرڻ لاءِ اٿي بيهن ،هنن چيو ته آمريڪا جي وينزويلا خلاف جنگ دنيا جي سمپورن آزاد ملڪن ۽ عوام خلاف کليل ڌمڪي آهي ۽ آمريڪا عراق تي حملي جي لاءِ ڪيميائي هٿيارن جي موجودگي جي من گهڙت سازش بعد اڄ نشي آور شين جي اسمگلنگ جي آڙ ۾ وينزويلا جي عوامي حڪومت کي جنگي هٿيارن وسيلي خاتمي وسيلي دنيا جي تيل جي وڏن ذخيرن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ان مقصد لاءِ آمريڪي ڪمپنين جي مفادن جي محافظ ڪٺ پتلي حڪومت مڙهڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هنن چيو ته ٽرمپ پنهنجي سامراجي مزاج ڪري غزه بعد وينزويلا مٿان مجرماڻي جنگ مڙهي آهي ۽ اها جنگ بوليورين انقلاب کي ڪچلڻ ۽ آمريڪا نواز نوآبادياتي نظام مڙهڻ جي ڪوشش آهي، اڳواڻن چيو ته ٽرمپ جي هيء جارحيت لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي مداخلت جي خوني شام جو پراڻو سلسلو آهي. جنهن خلاف سموري دنيا ۾ مزاحمت پيدا ٿيندي.