پي آءِ اي هڪ رياستي ملڪيت وارو ادارو آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ماڻهن جي ٽيڪسن سان قائم ڪن ٿيون. ادارن جي قيام جو مقصد حڪومت لاءِ منافعو پيدا ڪرڻ ۽ خانگي شعبي جي ادارن جي ھڪ ھٽي کي ختم ڪرڻ آهي. ان کان علاوه اهي ادارا ماڻهن کي سستي قيمتن تي معياري مصنوعات ۽ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي بنيادي ڍانچي کي ڳنڍڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. رياستي ادارا قائم ڪرڻ هڪ عالمي رجحان آهي. اهڙا ادارا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود آهن جهڙوڪ آمريڪا، ڏکڻ آفريڪا، ناروي، نيوزي لينڊ، ۽ خاص طور تي چين ۾ موجود آھن. چين ۾ هن وقت هڪ سؤ کان وڌيڪ رياستي ادارا رياست جي ملڪيت ۽ انتظام ۾ آهن. انهن ادارن کي منظم ڪرڻ لاءِ چيني حڪومت هڪ خاص ادارو قائم ڪيو آهي جنهن کي رياستي ملڪيت جي نگراني ۽ رياستي ڪائونسل جو انتظامي ڪميشن (State-owned Assets Supervision and Administration Commission of the State Council) سڏيو ويندو آهي. ھي ادارو رياستي ملڪيت وارن ادارن کي منظم ڪرڻ، اعليٰ عملدارن کي مقرر ڪرڻ يا ٻين ادارن سان ضم ڪرڻ يا اثاثن کي خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ، انهي سان گڏ ادارن لاءِ باضابطا وقت پٽاندرقانون ٺاهڻ شامل آهن. 2021 تائين هن اداري وٽ تقريباً 30 کرب آمريڪي ڊالر جا اثاثا هئا تنھن ڪري شايد ھي ادارو دنيا جو سڀ کان وڏو معاشي ادارو آهي.
پاڪستان ۾ هن وقت گهٽ ۾ گهٽ 200 سرڪاري ملڪيت وارا ادارا (جن ۾ 140 ڪمرشل ۽ 50 بجلي، ٽرانسپورٽ ۽ مالي ادارا) شامل آهن، جيڪي مختلف سرگرمين ۾ مصروف آهن. ڪجهه مشهور سرڪاري ادارا جن سان عام ماڻهو اڪثر رابطو ڪندا آهن انهن ۾ گئس فراهم ڪندڙ ادارا (SNGCL and SSGCL)، اسٽيل ملز، بجلي تقسيم ڪندر ادارا (HESCO, PESCO, LESCO, IESCO)، پاڪستان اسٽيٽ آئل، نيشنل بينڪ آف پاڪستان، پاڪستان ريلوي، پاڪستان پوسٽ آفيس ۽ آخرڪار پي آءِ اي شامل آهن. اهي سڀئي ادارا عوام کي گهٽ قيمتن تي مختلف شيون ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن پاران ڪمايل منافعو سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرڻ جا ذميوار آهن. پر ان جي ابتر انهن سرڪاري ادارن جي حالت گھڻي خراب ۽ تمام مايوس ڪندڙ آهي. 2023 ۾ شايع ٿيل ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب انهن ساڳين ادارن جي منافعي جي شرح ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ سڀ کان گھٽ آھي. انهن ادارن جي ڪل اثاثن جي مقابلي ۾ انھن جا ڪل نقصان وڍيڪ آهن ۽ انهن جا نقصان تيزي سان وڌي رهيا آهن. اهي ساڳيا ادارا هر سال سرڪاري خزاني کي 480 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان پهچائي رهيا آهن، جنهن ۾ پي آ۽ اي به شامل آهي. پاکستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪيترن ئي سالن کان مالي نقصان ۽ قرضن جي بار هيٺ هلي رهي آهي. گذريل سالن ۾ پي آءِ اي جي مالي حالت انتهائي خراب هئي ۽ اها مسلسل نقصان مان گذري رهي هئي، جنهن سبب حڪومت کي ان جي قرضن ۽ ذميدارين کي ترتيب ڏيڻ لاءِ وڏي بحالي پلان انجام ڏيڻو پيو. 2024 ۾ پي آ۽ اي ھڪ هولڊنگ ڪمپني ٺاھي پنهنجي نقصان کي ان طرف موڙي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 15.35 ارب تائين رپين گھٽائي ڇڏيو جيڪو 2023 ۾ 87.26 ارب رپين تائين هيو يعني نقصان ۾ 82 فيصد تائين گهٽتائي ٿي آهي، پر اڃا به خالص نقصان برقرار آهي. مالي رپورٽن جي تفصيل موجب، 2024 ۾ پي آ۽ اي جي آمدني گهٽجي وئي ۽ آپريٽنگ خرچن ۾ نمايان تبديليون آيون، جنهن سان آپريٽنگ خرچن ۾ گهٽتائي آئي پر مجموعي طور تي نقصان اڃا به هيو. انهيءَ سال ۾ آپريٽنگ خرچ گهٽجي ويا، پر ٻين مالي نقصانن ۽ لاڳاپيل خرچن جي ڪري روڪ نقصان ظاهر ٿيو. اهو به نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته ڪجهه حالتن ۾ ھوائي جاءِ جي بندش ۽ ٻين عالمي صورتحال سبب پي آ۽ اي کي ڪجهه نقصانن جو به منهن ڏسڻو پيو، جهڙوڪ پاڪستان جي هوائي حد بند ٿيڻ جي سبب 4.1 ارب رپين جي نقصان جو به سرڪاري طور تي اعلان ڪيو ويو. اوھان کي اھو به ياد ھوندو ته وفاقي وزيرِ هوابازي غلام سرور خان قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو ته پاڪستان ۾ ڪمرشل جهاز اڏائيندڙ ڪيترن ئي پائلٽن جون تعليمي ڊگريون ۽ لائسنس شڪي ۽ جعلي نڪتا آهن. هن ٻڌايو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 262 پائلٽس اهڙا آهن، جن جا لائسنس يا ته پاڻ امتحان ڏيڻ بدران ٻين کان امتحان ڏياريا ويا يا جعلي طريقي سان حاصل ڪيا ويا آهن. وزير هوابازي چيو ته اهڙي صورتحال مسافرن جي زندگين لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي ۽ اهو قومي سلامتي جو به وڏو مسئلو آهي. هي بيان 2020 ۾ سامهون آيو هو، جنهن بعد پي آ۽ اي ۽ پاڪستان جي هوابازي شعبي کي عالمي سطح تي سخت تنقيد ۽ پابندين جو به سامنو ڪرڻو پيو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته هي ادارا جيڪي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيا آھن پنهنجي خراب حالت ۾ ڪيئن ۽ ڇو پهچي ويا. اسان کي ان جي پويان سببن بابت سوچڻو پوندو.
پاڪستان حڪومت انتهائي اهم اقتصادي ۽ مالي اصلاحات جي حصي طور پي آ۽ اي کي خانگائڻ (Privatisation) جو عمل مڪمل ڪري رهي آهي، جنهن کي بين الاقوامي مالي فنڊ (International Monetary Fund) جي قرض پروگرام تحت ضروري قرار ڏنو ويو آهي. نجڪاري جو مقصد آهي نقصان ڪندڙ قومي ايئر لائن جي بار کي گهٽائڻ، ان کي موثر بڻائڻ ۽ ان جي عالمي سطح تي مقابلي جي سگهه کي وڌائڻ. 23 ڊسمبر 2025 تي حڪومت PIA جي 75٪ فيصد حصي جي وڪرو لاءِ عوامي نيلامي (Auction) منعقد ڪئي، جيڪا ٽيمن ۽ گروپن پاران ٽي ٻوليون مليون. اهي ٻوليون شفاف ۽ عوامي طريقي سان لائيو نشرياتي طريقي سان جاري ڪيون ويون. پهرين واري ۾ لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم، ايئر بليو ۽ عارف حبيب گروپ شامل هئا. ايئر بليو گهٽ ٻولي سبب مقابلي مان ٻاهر ٿي ويو. لڪي سيمينٽ ڪنسورشيم ۽ عارف حبيب گروپ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ عارف حبيب گروپ آخر ۾ 135 ارب رپين جي ٻولي سان اڳڀرو رهيو. حڪومت پي آ۽ اي کي 75٪ حصو نجي سيڪٽر کي وڪڻڻ سان گڏ ميٽيجٽ (Management Control) به منتقل ڪري رهي آهي، جنهن سان نئين مالڪن وٽ ايئر لائن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ جو اختيار ملندو. حڪومت باقي 25٪ شيئر کي به مستقبل ۾ وڪڻڻ جو اختيار نجي خريد ڪندڙ کي ڏئي سگهي ٿي.حڪومت پاران پڻ طئي ڪيو ويو آهي ته نجي خريد ڪندڙ کي ڪجهه شرطن تي ٻيا سيڙپڪاري جا وعدا ڪرڻا پوندا، جهڙوڪ ايندڙ پنجن سالن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري کي يقيني بڻائڻ. اهو پڻ اميد آهي ته نجڪاري پي آ۽ اي جي مالي خسارائن کي گهٽائيندي، نون جهازن جي خريداري ۽ رستن جي وڌايل خدمت جي ذريعي ايئر لائن کي مضبوط بڻائيندي.
پڙھندرن کي ٻڌائيندو ھلان ته نجڪاري کان اڳ حڪومت پي آ۽ اي جي مالي بحالي لاءِ وڏا قدم کنيا آھن . پي آ۽ اي جا تقريباً 600 ارب رپين کان وڌيڪ قرض ۽ ذميداريون الڳ هولڊنگ ڪمپني ڏانهن منتقل ڪيون ويون، جيئن پي آ۽ اي کي نجي خريدارن لاءِ قابلِ قبول بڻائي سگهجي. ان سان گڏ غير ضروري اثاثا ۽ زمينون به الڳ ڪيون ويون ته جيئن بنيادي هوابازي ڪاروبار تي ڌيان ڏنو وڃي. حڪومت پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو حصا عارف حبيب گروپ کي 136 ارب رپين ۾ وڪرو ڪيا آهن. ۱۳۵ ارب رپين مان خريد ڪندڙ گروپ ۹۲ سيڪڙو رقم ٻيھر پي آءِ اي ۾ سيڙائيندو ڪندو ۽ نتيجتا حڪومت کي ان مان صرف 10.12 ارب رپيا ملندا.
پي آءِ اي پاڪستان جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۽ علائقن، جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ملتان، اسڪردو ۽ ٻين جي وچ ۾ باقاعده پروازون هلائي رهي آهي. پنهنجي عالمي نيٽ ورڪ کي بحال ڪندي، پي آءِ اي يورپ (پيرس، برطانيه)، وچ اوڀر (سعودي عرب، ڪويت)، خليج (يو اي اي)، ۽ ڪجهه ٻين ملڪن لاءِ پروازون هلائي رهي آهي. هن وقت پي آءِ اي وٽ 18 جهاز آهن. ان کان علاوه 2,000 ارب رپين جا اثاثا پي آءِ اي وٽ آهن، جن ۾ ملڪ اندر ۽ ٻاهر هوٽل ۽ ٻيا آفيس شامل آهن. ان کان علاوه ان وٽ 64 روٽس تي ڪم ڪرڻ جا لائسنس آهن. ان کان علاوه آءِ ايم ايف جي حڪم تي پي آءِ خريد ڪندڙ ڌر کي حڪومت ۱۸ سيڪڙو جي ايس ٽي رعايت فراهم ڪندي ته جيئن اها ڌر پي آءِ اي لاءِ نوان جهاز خريد ڪري سگهي. پي آءِ اي ڪڏهن دنيا جي ٻي وڏي ايئر لائن هئي، جنهن اڄ جي مشهور ايئر لائن اتحاد ايئر ويز، سعودي ايئر لائنز، قطر ايئر ويز ۽ ان وقت ٻين ايئر لائنز کي تربيت ڏئي ترقي وٺرآئي.
هڪ وقت ۾ پي آ۽ اي ۾ 21 هزار ملازم هئا ۽ انهن کي گھٽائي ڪري ھن وقت تقريبن 8.5 هزار پھچايو ويو آھي. ان مان 6400 باقاعده ملازم آهن ۽ تقريبن 2100 روزاني اجرت وارا ملازم آهن. پي آ۽ اي وٽ ھن وقت 33 جهاز آهن جن مان صرف 18ھلندڙ آھن آهن۽ ھڪ جهاز تي 195 ملازم ڪم ڪن ٿا آهن ڇاڪاڻ ته ملازمن تعداد تمام گهڻو آهي. مون چيڪ ڪيو آھي ته سراسري طور تي بين الاقوامي جهازن تي لڳ ڀڳ 20-25 ملازم آهن. پي آءِ اي ۾ ملازمن جي تعداد ۾ ماضي جي مقابلي ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ملازم يا ته گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم تحت رٽائر ٿي ويا آهن يا پاڻمرادو پنهنجي رٽائرمينٽ جي عمر تائين پهچي ويا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته ان وقت ملازمن تي بار پڻ گهٽجي رهيو آهي.