ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ تي هڪ شهري طرفان گاڏي اندر اڻوڻندڙ حرڪت ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس فوري ڪارروائي ڪندي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، رپورٽ موجب وڊيو پهرين جنوري تي تيار ڪئي وئي هئي، واقعي بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي حڪمن تي ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ سخت نوٽيس ورتو ۽ ايس ايڇ او مبينه ٽائون کي جوابدار جي فوري گرفتاري جا حڪم ڏنا، پوليس جديد ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ محي الدين احمد طور ٿي آهي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته پوليس واضح ڪيو آهي ته عوامي هنڌن تي غير اخلاقي حرڪتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون ۽ اهڙين ڀڃڪڙين تي سخت قانوني ڪارروائي جاري رهندي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ڪيس ۾ بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ تي ڪراچي پوليس جي ساراهه ڪئي، سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻارن ۽ عورتن کي هراسان ڪندڙن لاءِ ڪا به رعايت ناهي ۽ عورتن جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي تحفظ کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو ۽ شاگردياڻين خلاف ٿيندڙ ڏوهن تي فوري ۽ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، قانون عورتن کي هراسان ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏيندو، وائرل وڊيو ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري قابلِ تحسين قدم آهي، قانون جي ڀڃڪڙي تي زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملدرآمد جاري آهي ۽ ڪراچي پوليس ذميواراڻو ۽ پيشيواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، اخلاقي قدرن کي لتاڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.