سنڌ ۾ عورت کي سياسي، سماجي منظرنامي ۾ برابري ڏيڻ گهرجي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران “21هين صدي ۾ سنڌي عورت جي معاشي بااختياري” جي عنوان هيٺ حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي سانا جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو چيو ته آمريڪا ۾ ويهي ڏسون ٿا ته اسان 400 سال دنيا کان پوئتي بيٺا آهيون، هاڻي اهو به تمام گهڻو مشڪل وقت ڏسجي رهيو آهي ته اسان اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته 50 سال اڳ ڳوٺاڻيون عورتون وڌيڪ آزاد  هيون، پر اڄ جي حالتن ۾ ڳوٺاڻيون عورتون وڏي عذاب هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن، ڳوٺاڻين عورتن کي برابري جا حق ڏيارڻ لاءِ عورتن ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن شعور ئي ناهي ته عمل به نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته سانا جو ڪم شعور ڏيڻ آهي، بعد ۾ جيڪي عملي قدم هوندا کڻنداسين، پر پهريون ڪم آهي شعور ڏيڻ ان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته ورهاڱي کان پهرين هندو ڪميونٽي تمام گهڻي اڳڀري هئي، تڏهن واري سنڌ مختلف هئي ۽ بهتر نموني سان اڳتي وڌي رهي هئي، اها سنڌ اڄوڪي سنڌ جي ڀيٽ ۾ سماجي طور تي تمام گهڻي بهتر هئي، سوشل ماحول هيو، عورتون بزنس ڪنديون هيون، ان وقت ليڊيز ڪلب هئا، ملڪ ٺهڻ کان پوءِ اهي هندو سنڌي هليا ويا، ملڪ اندر اهڙو مذهبي ۽ سماجي ماحول پيدا ڪيو ويو، جيڪو ضياءَ الحق جي دور ۾ صفا عروج تي چڙهيو ۽ عورت کي ٽيڻي غلاميءَ ۾ ڌڪيو ويو، بهرحال گذريل 10 پندرهن سالن دوران سنڌ ۾ وڏي تبديل ڏٺي وئي آهي، سنڌي سماج ۾ عورتون بزنس ڪري رهيون آهن، عورتون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيون آهن ۽ ٻاهر پڙهڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، جن جو تعداد به سون ۾ آهي، پهرين ماحول وڏو خراب ٿيل هو، جنهن کي رستي تي اچڻ لاءِ وقت کپندو. هن چيو ته اڳ ۾ عورت جي غلاميءَ جون مختلف شڪلون هيون، عورتون ڪٿي مذهبي طور ته ڪٿي وڏيرا شاهي جي غلامي هيٺ هيون، پر ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌي عورت تمام گهڻي اڳڀري نظر پئي اچي. نامياري ليکڪه ۽ عورت اڳواڻ امر سنڌ چيو ته اسڪرين تي رڳو عورتن جي صورتحال تبديل ٿيڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي پر حقيقت اها آهي ته اڄ به سنڌ جون عورتون تمام گهڻي دٻاءَ هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن، سنڌ جي عورت جي حالت تبديل ناهي ٿي. هن چيو ته سنڌ ۾ عورت سياسي، سماجي توڙي ادبي منظرنامي ۾ مڪمل طور تي غائب نظر اچي ٿي. هن چيو ته اسان ڪنهن مسنگ پرسن جي چچريل لاش واري معاملي کي وڏو سياسي اشو ته بنايون ٿا، پر سماج مان غائب عورت واري معاملي تي ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي ٻين صوبن جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرن کان ڇوڪرين جو انگ وڌي رهيو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اڃا تائين ڇوڪرين جو انگ 22 پرسنٽ کان مٿي نٿو وڃي، سانا جي نائب صدر شاهده شيخ چيو ته مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان تبديلي آئي آهي، تعليم واري شعبي ۾ عورتن لاءِ ماحول بهتر ٿيو آهي، هڪ گاڏي واري نياڻي ڊاڪٽر ۽ هڪ دڪاندار جي نياڻي پروفيسر به ٿي رهي آهي، پر ڳوٺن ۾ جيڪي عورتون ڀرت ڀرين ٿيون يا لابارو ڪن ٿيون، اهي اڻبرابري جو شڪار آهن، حڪومت طرفان اهڙا ڪي به هنري ادارا، فيڪٽريون، سلائي ڪڙهائي جا تربيتي مرڪز يا ڪارخانه ناهن لڳا ويا، جن ۾ عورت کي ڪم ڪري پنهنجن پيرن تي بيهڻ گهرجي ۽ کين پنهنجي محنت جو صحيح اجورو ملي. هن چيو ته جيتوڻيڪو سانا هيومن رائيٽس جي ڪم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، مظلوم عورتن ۽ ٻارڙن جي ڪيسن ۾ مالي مدد به ڪري ٿي، سانا کي گهرجي ته عورتن جي هٿ جي هنر جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مدد ڪري. ڪانفرنس کي ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.