ڪراڪس(عوامي آواز رپورٽ)نڪولس مادورو کاٻي ڌر جي اڳوڻي صدر هوگو شاويز ۽ سندس پارٽي يونائيٽيڊ سوشلسٽ پارٽي آف وينزويلا جي دور ۾ سياسي اهميت حاصل ڪئي۔ 2013 ۾ هو شاويز کان پوءِ وينزويلا جو صدر بڻيو، 2024 ۾ مادورو کي صدارتي چونڊن جو فاتح قرار ڏنو ويو، پر اپوزيشن پاران گڏ ڪيل ووٽنگ نتيجن موجب سندن اميدوار ايڊمونڊو گونزاليز واضح اڪثريت سان کٽيو هو۔آمريڪا ۾ وينزويلا جي لکين مهاجرن جي آمد، ۽ آمريڪا ۾ منشيات، خاص طور تي فينٽانائل ۽ ڪوڪين جي سمگلنگ خلاف وائٽ هائوس جي مهم جي حوالي سان مادورو ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ سخت اختلاف رهيا آهن۔مادورو پهرين بس ڊرائيور هو جيڪو بعد ۾ يونين ليڊر ٿيو،2000ع ۾ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو،