تبديلي لاءِ نوجوان سوشل ميڊيا تي لکڻ بدران ميدان ۾ اچن:حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي لکڻ سان  نه پر نوجوانن کي تبديلي  لاءِ ميدان ۾ اچڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن، وفاقي وزير احسن اقبال پاڻ ٻڌائي ٿو ته بار اسڪولن کان ٻار آهن ۽ کيس شرم نٿو اچي. پاڪستاني برانڊ کي عالمي اسلامي برانڊ بڻايو ويندو، ڇو ته پاڪستان کي اڳتي وڌڻ لاءِ ليڊرشپ، واضح ويزن ۽ مضبوط سوچ جي ضرورت آهي. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ نمائش جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جنريشن زي کي سپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪير تيار ناهي، جديد دور ۾ هاڻي آمريڪا به عالمي سپر ناهي رهيو، طوفان الاقصيٰ کي سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاميابي ملي. وڏيرن، جاگيردارن، بيوروڪريسي جي اجاراداري آهي، اڄ به انگريز دور جو سسٽم هلي رهيو آهي، جيستائين اهو نظام تبديل نه ٿيندو، تيستائين تبديلي نٿي اچي سگهي. نوجوان دوکو نه کائين، اسان سان گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته حڪمران ليپ ٽاپ ڏئي سمجهن ٿا ته مسئلا حل ٿي ويا، اسان نوجوانن کي هنر سيکارينداسين. سندس چوڻ هو ته رياست نوجوانن کي بندوق کڻائي ڇڏي ٿي حق نٿي ڏئي، اسان نوجوانن کي حق ڏيارينداسين. هن چيو ته پاڪستان بزنس فورم جون ڪوششون هاڻي نتيجا ڏيئي رهيون آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي نه رڳو سياست پر ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته نوجوانن لاءِ شروع ڪيل ”بنو قابل“ مهم ۾ هن وقت تائين 12 لک نوجوان شامل ٿي چڪا آهن، جيڪو هڪ وڏو قدم آهي. فلسطين ۾ جنگ بندي باوجود اسرائيل هڪ هزار ماڻهن کي شهيد ڪري چڪو آهي، جنهن بعد دنيا جا باضمير ماڻهو فلسطين سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته جنگ دوران اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ مان اها سوچ پيدا ٿي ته متبادل شين کي به سپورٽ ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.