سکر ۾ هٿياربند سول جج جي امڙ جا سونا ڪنگڻ لاهي ويا

سکر(رپورٽر)سکر ۾ هٿياربندن سول جج جي ماءُ ۽ ڀاءُ کي به بخش نه ڪيو، امڙ جي ٻانهن مان 12 لک رپين جا سونا ڪنگڻ لاهي روڪ رقم به ڦري ويا، واقعي جو 2 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل، آباد ٿاڻي جي حد سوسائٽي پوليس چوڪي جي ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڪار تي ويندڙ سول جج جي ڀاءُ ۽ امڙ کي يرغمال بڻائي سونا ڪنگڻ ۽ روڪ رقم ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، آباد ٿاڻي تي همدرد سوسائٽي واسي غلام اصغر عرف ڪاشف ڄامڙو جي فرياد تي 2 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڦر واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته جنرل اسٽور تان سامان وٺي پنهنجي امڙ سان ڪار تي گهر اچي رهيا هئاسين ته ٻه موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پسٽل جي زور تي يرغمال بڻايو، ڪار ۾ ويٺل والده کان 2 سونا ڪنگڻ ۽ ٽي هزار روڪ ڦر ڪيا ويا، ڦر ٿيل ڪنگڻن جي ماليت 12 لک روپيا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.